گهڻ بلاڪ واري نظام ڏانهن وڌندڙ دنيا

تحرير؛ عمران خان شينواري

هڪڙو دور اهڙو هو جڏهن آمريڪا جي رضامندي کانسواءِ ڪوملڪ ته پري رهيو پر گڏيل قومون به سِر نه لوڏينديون هيون،عراق هجي يا افغانستان،لبيا هجي يا ويٽنام مطلب ته ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪري اتي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي فيصلي تي وائيٽ هائوس جي مهر لڳي ويندي هئي ته ان کي سلامتي ڪائونسل به رد نه ڪري سگهندي هئي.اڄ ڪهڙو سبب آهي جو اهو ملڪ جيڪو بد مست هاٿي جيان پنهنجي هر هڪ محاذ کي چيڀاٽي ڇڏيندو هو، اڄ ان کي پنهنجو ئي پاڙيسري غريب ملڪ  نڪاراگوا به اکيون ڏيکاري رهيو آهي ۽ ڇو اهو ملڪ پاڪستان به هاڻي بنا ججهڪ ان کي ”ايبسلوٽلي ناٽ“ چئي ڪري ڌتاري ٿو ڇڏي ، جيڪو هن جو نه رڳو سرد جنگ جو اتحادي هو بلڪه نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پڻ ان سان گڏ بيٺل هو ؟

جيڪڏهن اهو چيو وڃي، بنيادي طور تي زوال نائن اليون کانپوءِ افغانستان تي حملي ڪرڻ سان شروع ٿيو هو ته غلط نه ٿيندو. ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کانپوءِ بدلي جي باهه ۾ سڙندي صدر بش افغانستان مان طالبان جي  حڪومت جو خاتمو ته ڪري ڇڏيو هو پر جيڪو گروپ (القاعده) انهن حملن جو اصل ذميدار هو ان جي ليڊر اسامه بن لادن کي پڪڙڻ جي لاءِ هن کي 11 سال تائين پاڪستان ۽ افغانستان جي خاڪ ڇاڻڻي پئي هئي جيڪا آمريڪا جي انٽيليجنس ايجنسين جي لاءِ حقيقت ۾ شرمندگيءَ جو سبب هئي. ٻيو ته ٺهيو پر هن وقت تائين ان اسامه بن لادن جو پڪڙجڻ به اڃان تائين هڪڙو معمو آهي، ڇاڪاڻ جو امريڪا سواءِ ان جي لاش جي تصوير جي دنيا کي ٻيو ڪو ثبوت پڻ ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ظاهري طور ته آمريڪا دنيا کي اهو ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هن ڪهڙي طرح ان تي حملي ڪندڙ  کان بدلو وٺي ورتو پر حقيقت ۾ هي هڪ اهڙي ملڪ جي انٽيليجنس جي سڀني کان وڏي ناڪامي هئي جنهن کي ڪنهن ملڪ نه پر هڪ هٿياربند گروپ  لوڏي ڇڏيو هو.

آمريڪا جي ناڪامي جو ٻيو سڀني کان وڏو سبب  اهو هئو ته ان چين کي هڪ آسان ۽ بي ضرر ملڪ سمجهي ڪري پنهنجو سمورو ڌيان سرد جنگ کانپوءِ پڻ روس تي ڏنو هو، جڏهن ته افغانستان ۾  ان جي موجودگي جي باوجود چين آمريڪا جي نڪ جي هيٺان ۽ ان جي هڪ اهم اتحادي مشرف سان ان پروجيڪٽ (سي پيڪ) جو بنياد وجهي ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ آمريڪا جي لاءِ هڪ چئلينج بڻجندو پئي ويو.

هڪ پاسي آمريڪا کربين ڊالر افغان ۽ عراق جنگ ۾ خرچ ڪندو ويو جڏهن ته چين وڏي پئماني تي نقلي مصنوعات سان مارڪيٽ ۾ ڍڳ لڳائيندو ويو،نتيجو اهو نڪتو جو اهي ملڪ جيڪي اصل آمريڪي مصنوعات مهانگي اگهه تي آمريڪا ۽ اولهه کان خريد ڪندا هئا هاڻي اهي شيون  انتهائي مناسب اگهن تي چين کان ملڻ لڳيون.  آمريڪا پنهنجي اڪيلي سپُر پاور جي غرور ۾ مست رهيو ۽ ٻئي پاسي چين ”وقت جو انتظار ڪريو“ جي پاليسي جاري رکندي پنهنجي معيشيت کي وڌائيندو ،مضبوط ڪندو ويو.آمريڪا جو شايد اهو خيال هو ته جيڪڏهن ڪڏهن چين ان جي مقابلي ۾ اٿي بيٺو به ته ان سان مقابلو دفاعي طاقت جي صورت ۾ ٿيندو جيڪو هن جو هڪ غلط اندازو هو،ڇاڪاڻ جو چين هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪو پنهنجي سخت کان سخت دشمن  سان به ڪاروباري  لاڳاپا قائم رکندو آهي،مثال طور جڏهن لداخ جي علائقي گلوان وادي ۾ هندوستاني ۽ چيني فوج جي وچ ۾ جهڙپون ٿيون ۽ چين هندوستان جي 60 چورس ڪلوميٽر  علائقو قبضي هيٺ آندو، تڏهن به چين هندوستان سان واپاري لاڳاپا ختم نه ڪيا،بلڪه بعد ۾ اهو ئي علائقو هندوستان کي واپس ڪري ٻيهر هندوستان سان لاڳاپا بحال ڪري ورتا.اهو ئي سبب آهي جو چين نه رڳو وچ ايشيا تائين بلڪه آفريقا وچ اوڀر ۽ ايتري تائين جو ڪجهه اولهه جي ملڪن سان پڻ پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري چڪو آهي.جڏهن ته ان جي ابتڙ آمريڪا هن وقت رڳو اينلگو سيڪسن (انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن) تائين ئي محدود ٿي ڪري رهجي ويو آهي.

اڄ آمريڪا رڳو رسمي سُپر پاور رهجي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي مزاحمت جي باوجود روس نه رڳو ڪرائيما تي قبضو ڪيو بلڪه ان جي اتحادي جرمنيءَ سان نورڊ اسٽريم 2 گئس پائپ لائن جي ڊيل به ڪري ورتي. ان کان وڌيڪ شرم جي ڳالهه هڪ سُپر پاور جي لاءِ ڇا ٿيندي جو اُن جي پنهنجي ئي پاڙي ۾ قائم هڪ   ننڍڙو ملڪ نڪاراگوا ان سان لاڳاپا ختم ڪري روس ۽ چين سان پنهنجا لاڳاپا وڌائي ڇڏيا آهن. لاطيني آمريڪا جي ئي ملڪ چلي ۾ پڻ هڪ اهڙو شخص اقتدار ۾ اچي چڪو آهي،جيڪو آمريڪا جو سخت مخالف آهي.ان کانسواءِ ان جي  گڏيل قومن مان ٿاڻيداري ختم ٿيڻ جو هڪ مثال اهو به آهي ته آمريڪا جي وڏي پروپئگنڊا جي باوجود دنيا جا ٻيا ملڪ ته پري رهيا پر سندس اتحادي ملڪ هندوستان پڻ ان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ چين ۾ ٿيندڙ  ونٽر اولپڪس جي حمايت ڪري ڇڏي.

ان حوالي سان هاڻي اها به هڪ حقيقت آهي ته آمريڪا هاڻي به ڪو اهڙو ڪمزور ملڪ ناهي جنهن کي جنگ  ۾ هارائي سگهجي پر هاڻي ان جي معاشي سطح تي چيلهه ڀڄي پئي آهي ۽ ان جو جيڪو سافٽ پاور هو  اهو به هاڻي نه هئڻ جي برابر آهي، 1990 کانپوءِ سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ بعد جيڪڏهن آمريڪا چين کي پنهنجي هڪ اتحادي ملڪ جي طور  تي ئي رهڻ ڏئي ها ۽ ان جي هر هڪ قدم تي نظر رکي ها ته اڄ شايد چين ايترو طاقتور ملڪ ٿي ڪري اڳيان نه نڪري ها ۽ نه ئي وري روس سان ان جي ويجهڙائپ وڌي ها.

دنيا کي ۽ آمريڪا کي هاڻي هڪڙي ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته هاڻي دنيا گهڻ بلاڪ واري نظام ڏانهن وڌي رهي آهي. جنهن ۾ چين جو معاشي ۽ روس جو دفاعي لحاظ سان وڏو اسٽيڪ (قوت)  آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.