حڪومت مهانگائي جو 74 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي حڪم تي مني بجيٽ عوام تي ناقابل برداشت ڌڪ آهي. پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي جو 74 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. عالمي ميگزين جي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جو چوٿون مهانگو ملڪ بڻجي ويو آهي. حڪومت چئلينجن کي منهن ڏيڻ بدران ان کي وڌائي رهي آهي. عوام کي خبر ناهي ته کين ڪهڙن گناهن جي سزا ملي رهي آهي، هن چيو ته سرمائيدارن ۽ مافياز 22 ڪروڙ ماڻهن کي يرغمال بڻايو  آهي. حڪمران طبقو غريبن جي حال کان بلڪل بي خبر آهي.

  • غازي ڳوٺ ۾ ڦر، مزاحمت  تي شهري زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ غازي ڳوٺ ويجهو شھري کان ڦورن ڦر جي ڪوشش ڦورن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو زخمي شھري علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

  • ڪراچي ۾ واپاري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ مولوي تميز الدين خان روڊ تي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ واپاري امين الدين ٽپال  خودڪشي ڪري ڇڏي، ايس  ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب واقعو خودڪشي جو آهي ۽ مولوي تميز روڊ تي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي  واپاري امير الدين پنهنجي گهر ۾ پاڻ گولي هڻي خودڪشي ڪئي آهي واپاري امير الدين ٽپال کي فوري طور تي ڪلفٽن نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو.

  • بلوچستان جي ڊاڪٽرن مٿان حق گهرڻ تي ظلم ڪيو وڃي ٿو: ينگ ڊاڪٽر

ڪراچي(رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئشن سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته بلوچستان جي نوجوانن ڊاڪٽرن کي پنهنجي  بنيادي حق گهرڻ تان حڪومت ظلم ڪري پنهنجي نااهلي ثابت ڪئي آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن بلوچستان جي ڊاڪٽرن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سڄي ملڪ جو هيلٿ سسٽم بند ڪري واءِ ڊي اي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، اهڙو اظهار ڊاڪٽر وارث جکراڻي، ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر ارسلان محمود ۽ ٻين گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان جي ڊاڪٽرن ڪيترا ڀيرا پريس ڪانفرنس ڪئي پر مسئلا حل نه ٿيڻ سبب مجبور ٿي هو روڊن تي نڪري آيا، جنهن جي نتيجي سمورن ڊاڪٽر تي تشدد ڪري انهن کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي حڪومت گهرڻ تان ڊاڪٽرن تي تشدد ڪري انهن کي جيلن ۾ اماڻيو ويو آهي. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي ٻن مهينن تائين قيد ڪيو ويو آهي، واءِ ڊي آءِ سنڌ هن آمريت رويئي جي مذمت ڪري ٿي. هنن چيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي بلوچستان جي ڊاڪٽرن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت سڄي ملڪ جو هيلٿ سسٽم بند ڪري روڊن تي نڪري اينداسين.

  • ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ رجسٽرار عبدالرزاق سان ملاقات ڪئي، جنهن  ۾ سجاول جي ڪورٽ کي جڊيشل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ قرار ڏيڻ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪرڻ سميت اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ هو ته سجاول ضلعو 2013ع ۾ ٺاهيو ويو آهي پر اڃان تائين ڊسٽرڪٽ ڪورٽ قرار نه ڏنو ويو آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نه هجڻ جي ڪري غريب ماڻهو کي پريشاني جو منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ 23 سئو ڪيس التوا جو شڪار آهن، جنهن ۾ صرف 1080 ڪيس سجاول جا آهن، رجسٽرار عبدالرزاق خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت جي اجازت نامي سميت جيڪي قانوني ڪارروائي جو عمل پورو ڪرڻ کان پوءِ اسان سجاول ڪورٽ کي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ قرار ڏنو ويندو.

  • ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 19 ڪيس ظاهر،  5 مريض فوت

اسلام آباد (م ڊ ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي قسم اومي ڪرون پکڙجڻ سبب متاثرن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ڪالهه 49 هزار 270 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 3 هزار 19 ڪيس مثبت آيا. سنڌ۾ هڪ هزار 733 ڪيس، پنجاب ۾ 919 ڪيس هاڪاري۽  هڪ مريض فوت ٿيو،  خيبرپختونخواهه ۾ 64 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 3 ڄڻن حياتي وڃائي.بلوچستان۾ 11 اسلام آباد۾ 284 ، آزاد ڪشمير: 4 ڪيس ظاهر  هڪ  مريض فوت ٿيو، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 4 ڪيس ظاهر ٿيا، واضع رهي ته گذريل سال 15 سيپٽمبر کان يعني لڳ ڀڳ 4 مهينن کانپوءِ روزانو ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. ان کان علاوه وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 992 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.