احتساب نه ٿي سگهيو، عوامي اميدن تي به پورا نه لٿا آهيون: ارباب رحيم

سڪرنڊ (ن ع آ) وزير اعظم جي سنڌ صوبي بابت خاص صلاحڪار ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ ارباب غلام رحيم سڪرنڊ پهچي پي ٽي آئي اڳواڻ گل محمد رند جي ميزباني هيٺ ضلعي بينظيرآباد جي ورڪرس ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اڳين حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ معاشي طور بدحالي جو شڪار آهي جيڪو سبب آهي مهانگائيءَ جو پر جيڪي ملڪ پنڻ تي هريل هوندا آهن انهن جي پنهنجي مرضي نه هلندي آهي ،هن چيو ته جيڪي عوام اميدون رکيون انهن تي پورو نه لٿا آهيون ،عمران خان کي سنڌ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جا ڪجھ سينئر اڳواڻ ۽ ورڪر ناراض به آهن جيڪڏھن انهن کي راضي نه ڪيو ويو ته پارٽيءَ ۾ نون ايندڙن کي مايوسي ٿيندي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جنرل مشرف واري دور جو ناظمي وارو مڪاني نظام بهتر هو جنهن ۾ ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ اهميت هئي احتساب جو عمل پورو نه ٿيو آهي ان موقعي تي پي ٽي آئي جي ورڪرن ۽ عهديدارن کانسواءِ فنڪشنل ليگ جو سيد زاهد شاھ ، امام الدين ڪيريو ، عنايت رند ، فاروق چانڊيو ، راشد علي کهڙو ، نثار پرهياڙ ،غلام مصطفيٰ جلالاڻي، امير گل رند ، ڌڻي بخش مگسي ، نظير حسين رند ، صاحب خان نوناري ۽ ٻيا موجود هئا.ارباب غلام رحيم بعد ۾ پ پ اڳواڻ علي اصغر رند جي پٽ جي وليمي جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.