ميرپورٻرڙي ۾ ڀاڻ جون ضبط ڪيل 800 ٻوريون رات پيٽ ۾ واپارين حوالي

ميرپور ٻرڙو (ن ع آ) ميرپور ٻرڙو ۾ ٽي ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار پاران شڪور آرائين جي دوڪان تي ڇاپي دوران سيل  ڪيل 800 سئو ٻوريون رات جي پيٽ ۾ واپارين کي ڏئي ڇڏيون، اھڙي عمل خلاف آبادگارن اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ڪري روڊ بلاڪ ڪري مقامي انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي، انهي موقعي تي آبادگارن الزام مڙهيو ته ميرپور ٻرڙو ۾ اي سي سيل ڪيل ڀاڻ رات جي پيٽ ۾ آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين ۾ ورهائي ڇڏيو آھي، هنن چيو ته اهو سيل ڪيل ڀاڻ آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪرڻ ناانصافي آهي، 1732 وارو ڀاڻ 3 هزار ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، انتظاميا واپارين سان ٻٽ بڻيل آهي ھنن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالخالق ڀنگوار وڏيرن ۽ واپارين کي خوش ڪري رهيو آهي ٻئي طرف روينيو عملدارن ٻڌايو ته ڏينهن جو آبادگار جو انگ وڌيڪ ھيو، جيڪي تنگ ڪري رهيا هيا، انھيءَ کي مدنظر رکندي سيل ڪيل ڀاڻ رات جو آبادگارن کي ئي ڏنو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.