ٺرو پيئڻ سبب ماڻهو مرڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ جي ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊوالهيار شهرن ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ قيمتي انساني جانين جي زيان ٿيڻ ۽  ڪيترن ئي ماڻهن جي موت ۽ حياتي واري ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿيڻ واري واقعي تي سخت افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي اهڙن واقعن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي،  ڇو ته موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومته دوران سنڌ اندر هزارين ماڻهو ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، سنڌ جي اُتر توڙي لاڙ پٽي ۾ هر ضلعي اندر ڪچي شراب جون فيڪٽريون مقامي پوليس ۽ انتظاميه جي سهولتڪاري سان اهڙو زهريلو ڪاروبار ڪري رهيون آهن ۽ ڪچو شراب(ٺرو) شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ کلي عام ملي رهيو آهي. هن چيو ته پ پ سرڪار ڪراچي ۾ غنڊه راڄ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.