ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي ڄام ۾ ٺري سبب وڌيڪ 3 فوت، انگ 22 ٿي ويو، هڪ جو پوسٽ مارٽم

ٽنڊوالهيار / ٽنڊو ڄام(رپورٽ : خميسو دائوداڻي + احمد سجاد لاشاري) ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊوڄام ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب فوتگين جو سلسلو ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، زهريلو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 3 ڄڻا  فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي، فوتين ۾ ٽنڊوڄام شهر جي ياسين آباد جو رهواسي نيلو ڪولهي شامل آھي ۽ جڏھن ته ٽنڊوڄام جو آصف بلوچ کي پڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، اھڙي ريت ٽن ڏينھن اندر زهريلو شراب پيئڻ سبب فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 16 ٿي ويو آھي. فوتي نيلو ڪولهي جي وارث نرسنگ ڪولهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيميڪل واري زهريلي شراب سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي. معاملي جو نوٽيس وٺي شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٻيون انساني جانيون بچي سگهن، نيلو پهريون فوتي آهي، جنهن جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏھن ته 16 انسانيون جانيون ضايع ٿيڻ بعد ٽنڊوڄام پوليس حرڪت ۾ ايندي مختلف جاين تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، ڇاپن دوران ٽنڊوڄام پوليس پنج ڄڻن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آھي، ايس ايس آءِ عتيق خاصخيلي جي فرياد تي 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته گرفتار جوابدار ۾ نجف شاهه، ساحل شاهه، سيف علي شاھ، عباس شاھ ۽ علي عباس شاھ شامل آھن، پوليس ڪچي شراب جون وڏيون بٺيون هلائيندڙ مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران روپوش ڄاڻائي ڇڏيو آھي، گرفتار جوابدارن وٽان ڪچي شراب جا ڊرم پڻ هٿ ڪيا ويا آھن جن صرف چند ليٽر کان وڌيڪ ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڪچي شراب جون بٺيون هلائيندڙ مُک جوابدار اڃان ته سندن گرفت ۾ ناهن اچي سگهيا، ٻئي پاسي ٽن ڏينهن دوران 16 قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ باوجود تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍي ۽ نه ئي ڪو سندن طرفان ڪوبه بيان سامهون اچي سگهيو آھي، ٽنڊي الهيار ۾ ڪچي شراب واپرائڻ سبب ڳوٺ مھرو لاشاري جو رهواسي نوجوان رشيد لاشاري به زندگي جي جنگ هارائي ويو، جنهن بعد سندس وارثن پاران حيدرآباد ميرپورخاص باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي آصف بلوچ، خالد لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس آخر انهن زهر وڪڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڇو نٿي ڪري، بعد پوليس جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، جڏهن ته زهريلي شراب واپرائڻ سبب يعقوب بلوچ، ڪالو بلوچ ۽ زمان بلوچ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي جيڪي حيدرآباد داخل آهن، ڪالهه ٽنڊي الهيار واسي نوجوان عادل قريشي به حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.