مخالف ڌر جو پارليامينٽ هائوس ٻاهران احتجاج

اسلام آباد (م د) مخالف ڌر پارٽين پاران پارليامينٽ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران مخالف ڌر جي پارٽين جي احتجاج سبب مرڪزي دروازي کي ڪنڊي دار تارن سان بند ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ڪارڪنن پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويا. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ڪارڪنن پارليامينٽ هائوس ٻاهران مارچ ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف به پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي مظاهرين کي خطاب ڪيو. ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو هو ته هر روز نئون واقعو ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا به شيءِ ناهي. قوم تي ڪڏهن ڪڻڪ، ڪڏهن اٽو، کنڊ، ڪڏهن ڀاڻ ۽ پيٽرول جو بحران اچي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.