اپوزيشن ناڪام، قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ بل2021ع  اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو، اپوزيشن پاران پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، اپوزيشن پاران شاهد خاقان عباسي، محسن داوڙ، نويد قمر ترميمون پيش ڪيون، ترميمن جي حق ۾ 150 ۽ مخالفت ۾ 168 ووٽ پيا، شاهد خاقان عباسي چيو ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي، ڇا توهان جي سرمائي ۾ گهٽتائي آئي آهي يا خرچن ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته اسان کي اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿينديون، بس ايترو ٻڌايو ته ڪهڙيون شيون مهانگيون نه ٿينديون، پيٽرول به ماهوار 4 رپيا وڌي رهيو آهي، بجلي بل به وڌي رهيا آهن،ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف چيو آهي ته توهان ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ ۾ توازن آڻيو، اسان معيشت کي دستاويزي شڪل ڏئي رهيا آهيون، جڏهن به دستاويزي شڪل ڏيڻ  جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته سخت واويلا مچي ويندي آهي، هن چيو ته اپوزيشن ڪهڙو طوفان برپا ڪيو آهي، اسان کير ۽ ڊبل روٽي تي ٽيڪس ختم ڪيو آحي، حڪومت ته رڳو ٽن سالن کان آهي، گذريل 70 سالن کان ڇا ٿيو آهي، جي ڊي پي جي مناسبت سان ٽيڪس ڪڏهن 18 کان 19 سيڪڙو تي ويو آهي، هن چيو ته گوڙ مچي رهيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان کي برباد ڪري ڇڏيو، اسان شوق سان نه ويا آهيون، پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا اڳوڻيون حڪومتون نه ويون، هن چي ته معيشت ترقي ڪري رهي آهي ڪورونا باوجود اوسر 4 سيڪڙو آهي، هن ڀيري اڪنامي 5 سيڪڙو گروٿ ڪندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ترميمون پيش ڪندي چيو ته نان، تندور، چپاتي، رس ۽ ريسٽورنٽس تي ٽيڪس واپس ورتو وڃي، ملٽي ميڊيا۽ ليپ ٽاپ جي درآمد تي ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي،هن چيو ته شوڪت ترين صاحب توهان جي ڪراچي واري گهر جي ايڊريس خبر آهي، اسان ماڻهن کي اتي وٺي اينداسين، مهانگائي ۾ اضافوڪيو ويو آهي،  پ پ جي نويد قمر چيو ته جيئن کنڊ بحران دوران ماڻهن جو حال ڪيو ويو هاڻي يوريا ڀاڻ لاءِ به ايئن ڪيو پيو وڃي، 21 جنوري تي ساهيوال کان ٽريڪٽر مارچ شروع ٿيندو، جڏهن ته مني بجيٽ بل سان درآمدي گاڏين تي ٽيڪس وڌي ويو، لوڻ،مرچن تي ٽيڪس ختم ۽ ٻارن جي کير تي جي ايس ٽي تي رعايت ڪئي وئي ، کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي، ننڍن دڪانن تي بريڊ، نان، چپاتي، شيرمال، بن، رس تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل به منظور ڪيو ويو، وفاقي وزير اسدعمر چيو ته ملڪي سلامتي کي خطرو آهي ته محب وطن کي واپس آڻيو،بل جي منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيان ٿو نويد قمر چيو ته بل جي منظوري سان اسٽيٽ بئنڪ کان ڪو سوال نه پڇي سگهندو، اسان هنگامي صورتحال مان مرڪزي بئنڪ کان قرض نه وٺي سگهنداسين، شوڪت ترين چيو ته اڳوڻين حڪومتن ساڍا 7 ٽريلين جا نوٽ ڇاپيا، اسٽيٽ بئنڪ هلائڻ لاءِ اسان وٽ پوري اٿارٽي هوندي، اپوزيشن اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي شق وار منظوري دوران گوڙ ڪيو، ۽ ڳڻپ چئلينج ڪري ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر آڏو پلي ڪارڊ کڻي نعرا هنيا ويا، هنن نعرا هنيا ته ” آءِ ايم ايف جو جيڪو يار آهي، غدار آهي، غدار آهي، اپوزيشن ميمبرن جي وڌڻ تي حڪومتي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر شهبازشريف به ايوان ۾ پهچي ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.