2013ع ۾ چائنا ڪٽنگ ڪري ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو: جسٽس رضوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سيڪٽر سيون نارٿ ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽ  جي چائنا ڪٽنگ ڪري وڪرو ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته ان پلاٽ کي وڪرو ڪهڙي طرح ڪري سگهجي ٿو، عدالت ڪي ڊي اي آفيسرن کان مهيني اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 2013ع ۾ سموري شهر کي تباهه ڪيو ويو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.