سنڌو انڊس لائيرس فورم جي جوڊيشل ڪميشن فيصلي خلاف ريلي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌو انڊس لائيرس فورم طرفان هاءِ ڪورٽ کان  سپريم ڪورٽ رجسٽري تائين ريلي ڪڍي پرامن احتجاج ڪري   پاڪستان جوڊيشل ڪميشن ان فيصلي جي مذمت ڪئي وئي، جنهن سنڌ جي خالي سيٽ لاهور جي جسٽس عائشه ملڪ کي کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحبانن جي حق تي ڌاڙو قرار ڏيندي پارليامينٽري ڪميٽي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي سيٽ تي لاهور جي قبضي کي روڪيو وڃي ۽ ان تعصباڻي ايليويشن کي ختم ڪري سنڌ جي سيٽ سنڌ حوالي ڪئي وڃي،  ٻي صورت ۾ پارليامينٽري ڪميٽي جي ميمبرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو، احتجاج ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن سيد حيدر امام رضوي ميمبر سنڌ جوڊيشل ڪميش، احسان سيال ميمبر سنڌ بار ڪائونسل۔ فهيم ضياءَ ميمبر سنڌ بار ڪائونسل، حفيظ لاشاري ميمبر سنڌ بار ڪائونسل، اسلم ڀٽا ميمبر سنڌ بار ڪائونسل، نعيم ميمڻ سيڪريٽري جنرل ڪراچي بار، فريد احمد نائب صدر ڪراچي بار، نصير ڪلهوڙو  لئبررين ڪراچي بار، ميمبرز ڪراچي بار اسحاق راڄپر، نزاڪت شيخ ۽ صلاح الدين خانزادو شريڪ ٿي فورم جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ جي سيٽ تي سنڌ جو ئي جج اچڻ گهرجي اسان ان ناانصافي تي فورم جي جدوجهد سان گڏ آھيون۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.