پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ ڏڦيڙ، عامر لياقت جي علي زيدي تي تنقيد

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت، علي زيدي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزير جي فيوريٽ ازم جي راند سبب ڪارڪن دل برداشتا آهن.ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عامر لياقت لکيو ته وزيراعظم پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو آهي، مون کي ڇڏيو هڪ کان هڪ هيرو آهي عمران خان جو پر علي ڀاءُ نظر ئي نه آيو، الله بهتر ڪري.هن چيو ته آخري بال تائين پي ٽي آءِ ڪراچي لاءِ وڙهندس، جڏهن رستو نه بچندو، تڏهن به وزيراعظم جو ساٿ نه ڇڏيندس، احتجاج جمهوري حق آهي، هن چيو ته علي زيدي پنهنجي ايم پي اي کي ڪراچي جو صدر بڻايو، وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، هڪ ڀيرو چوان ٿو ته جيڪي آڻيندا آهن اهي ئي واپس وٺي ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.