بيوٽيفڪيشن جي نالي تي عوام جا پئسا ضائع ٿي رهيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سائوٿ پارڪ ڪلفٽن فيز ٽو ۾ حددخليون ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن کان مڪمل رپورٽ گهري ورتي آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته هي سي ويو تي بيوٽيفڪيشن جي نالي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ بيوٽيفڪيشن جي نالي تي عوام جا پئسا ضائع ٿي رهيا آهن، شهرين کان ٽيڪس وٺي اهڙي ڪم ۾ پئسا استعمال ٿي رهيا آهن، عدالت چيو ته اٺ ۽ گهوڙن کان به ٽيڪس ورتو ويندو آهي، ساڳي عدالت رڻڇور لائن جي هڪ خطرناڪ عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايس بي سي اي کي ٽيڪينڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو ڇا ايس بي سي اي وٽ عمارت ڪيرائڻ جا پئسا ناهن ڇا ان ڪم جي لاءِ به اين جي اوز کان مدد ورتي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.