صوفي فقير ڀرسان مال جي ڀيل تان ڀائٽين هٿان چاچو قتل

عمرڪوٽ/ شادي پلي ( ڊ  ر/ ن ع آ) عمرڪوٽ ڀرسان صوفي فقير لڳ ڳوٺ عطائي بنگلاڻي ۾ مال جي ڀيل تان ڀائيٽين ۽ چاچي ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 50 ورھين جو رمضان بنگلاڻي ٿڏي تي مارجي ويو جڏھن ته عثمان، گھرام بنگلاڻي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جھيڙي جي اطلاع تي صوفي فقير پوليس پھچي زخمين ۽ مقتول جوا لاش سول اسپتال عمرڪوٽ آندو، جتي ڊاڪٽرن موجب مقتول جو موت ابتدائي رپورٽ ۾ 3 گوليون لڳڻ سبب ٿيو آھي، مقتول رمضان بنگلاڻي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب واقعي بابت وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناھن پُھتا، جيئن آيا ته ڪيس داخل ڪري نامزد ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.