سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شمن سولنگي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سيتا روڊ ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه جي شاگردياڻي عصمت جميل طور جي مبينا آپگهات واري مامري جو چيف جسٽس پاران پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ڪري چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ جي چيمبر ۾ اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس ۾ ڄاڻايل 5 جوابدارن مان 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، باقي هڪ جوابدار روپوش آهي، جنهن تي عدالت ڪيس جي مک جوابدار شمن سولنگي کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو آهي ته عدالت 25 جنوري تي ٻيھر طلب ڪيو آھي، مک جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، دادو جي امن امان جي صورتحال تي ڊي آءِ جي ڳالھائڻ کان لنوائي ويو ۽ سوال تي چيو ته ايس ايس پي دادو سان دادو جي امن امان جي صورتحال تي ڳالھايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.