ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ 23 ڪروڙ جا ٽينڊر جاري ڪرڻ تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ 23 ڪروڙ جا  ٽينڊر جاري ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي لاءِ ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن عدالت ٽينڊر حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي ڪم نه ڪرڻ جو حڪم نامو برقرار رکيو آهي، جڏهن ته سپرا پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي ته سپرا پاران ٺيڪيدار ولي الله ڀٽي جي ڪمپني کي بحالي ڪيو ويو هو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا جڏهن ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو ان مهل ڪمپني بليڪ لسٽ هئي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته ٽينڊر جاري ڪرڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو، درخواستگذار منورعالم جو چوڻ هو ته ڪمپني بليڪ لسٽ هئي، 23 ڪروڙ جا 16 ٽينڊر جاري ڪيا ويا جيڪي هڪ ڪمپني کي ڏنا ويا هئا، هن چيو ته ثقافت کاتي جا جيڪا ٽينڊر هوندا آهن اهي ان ڪمپني کي ملندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.