وزيراعظم پاران انتظار ڪرائڻ تي چوڌري سالڪ ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد(م ڊ) وفاق ۾ پي ٽي آءِ حڪومت  جي اتحادي جماعت مسلم ليگ ق جو ايم اين اي چوڌري سالڪ وزيراعظم پاران انتظار ڪرائڻ تي ناراض ٿي ويو، ذريعن مطابق چوڌري سالڪ پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي چيمبر ٻاهران گهڻي دير ملاقات لاءِ بيٺل رهيو ۽ پوءِ ناراض ٿي هليو ويو، وزيراعظم جو اسٽاف چوڌري سالڪ کي واپس وڃڻ کان روڪيندو رهيو ۽ وضاحت ڏني ته طارق بشير چيما ۽ پرويز خٽڪ سان وزيراعظم جي ملاقات سبب توهان جي ملاقات ۾ دير ٿي .

  • ڪا به تلخ ڪلامي ناهي ٿي، وزيراعظم خلاف ناهيان: پرويز خٽڪ

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن سان به تلخ ڪلامي ناهي ٿي مون پنهنجي حق جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو اجلاس مان اٿي ڇو ويو ته هن چيو ته اجلاس مان ناراض ٿي نه پر سگريٽ پيئڻ لاءِ ٻاهر ويو هيس،پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته ڪو به اختلاف ناهي، رڳو گئس جو معاملو آهي، وزيراعظم سان ڪو به اختلاف ناهي. جڏهن پڇيو ويو ته ڇا توهان کي وزيراعظم تي اعتماد آهي؟ جنهن تي پرويز خٽڪ جواب ڏنو ته کيس وزيراعظم تي 100 سيڪڙو اعتماد آهي، گيس جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي ڳالهه ٿي ته ان کي اختلاف نه چئبوهن چيو ته ڪنهن کي به فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.