پرويز خٽڪ جي وزيراعظم سان ڏندچڪ،بليڪ ميل نه ڪريو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ پرويز خٽڪ سان ڏند چڪ دوران عمران خان چيو ته توهان مون کي سڀني جي سامهون بليڪ ميل ڪري  رهيا آهيو.ضمني مالياتي بل جي منظوري کان اڳ قومي اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، نور عالم  ۽ ٻين مني بجيٽ، مهانگائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري بابت خدشن جو اظهار ڪيو.ذريعن موجب اجلاس ۾ پرويز خٽڪ چيو ته توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو، خيبر پختونخواهه ۾ گئس تي پابندي آهي، گئس بجلي اسان پيدا ڪندا آهيون ۽ پيڙهجي به اسان رهيا آهيون، جيڪڏهن توهان جو اهو ئي رويو رهيو ته اسان ووٽ نه ڏئي سگهنداسين.ان موقعي تي توانائي واري وزير حماد اظهر وچ ۾ پئي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پرويز خٽڪ جي هن سان به منهن ماري ٿي پئي،  وزيراعظم سخت جواب ڏيندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، مان بليڪ ميل نه ٿيندس، توهان مون کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهو، مان حڪومت ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ نه پيو ڪيان، مان توهان کي روز روز گهرائي ووٽ وٺي رهيو آهيان، مان روز روز آءِ ايم ايف کي چئي رهيو آهيان ته ٽيڪس گهٽ ڪيو، منهنجا نه ڪارخانا آهن ۽ نه ڪو ڪاروبار.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن توهان جي اها ئي بليڪ ميلنگ رهي ته اپوزيشن کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي اچي حڪومت ڪن،نور عالم چيو ته مون اجلاس ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن دفاعي مفادن سميت ادارا آءِ ايم ايف حوالي ڪيا ويا ته پوءِ ان بل جي حمايت نه ڪنداسين، ذريعن مطابق پرويز خٽڪ جي ڳالهه ٻڌي وزيراعظم ڪاوڙ ۾ اجلاس مان وڃڻ لڳو ته سينيئر مييمبرن کيس روڪي ورتو جڏهن ته پرويز خٽڪ اجلاس مان اٿي هليو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.