سي سي آءِ پاران نئين آدم شماري جي منظوري، نگران ڪميٽي به جڙندي

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل نئين آدم  شماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ گڏيل صلاح سان فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ستين آدم شماري جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته ستين آدم شماري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان ٿيندي جڏهن ته گهر شماري اڳ ۾ ڪرائي ويندي. اجلاس ۾ سي سي آءِ بابت مانيٽرنگ ڪميٽي به جوڙي وئي، جنهن نگران ڪميٽي جو سربراهه ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن هوندو، چارئي چيف سيڪريٽري ۽ نادرا چيئرمين به موجود هوندا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي مستقل سيڪريٽريٽ جڙڻ تي وزيراعظم ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته سمورن وفاقي وحدتن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي صلاح سان قومي مسئلا حل ڪيا ويندا.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.