5 هزار سرڪاري اسڪول بند ڪري سيف لاءِ رستو صاف ڪرڻ جو پلان، قانون جي لتاڙ

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) سنڌ جا 5 هزار سرڪاري اسڪول  بند ڪري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو، سيف غلط رٿابندي ڪندي خطرناڪ هنڌن تي اسڪول کولي ڇڏيا، جنهن سبب ٻارڙن جي زندگي داءُ تي لڳي وئي آهي. بدين ضلعي ۾  اٽڪل 300  اسڪولن کي ختم ڪري سيف لاءِ ميدان صاف ڪري ڏيڻ وارو پلان تيار  ڪيو ويو. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران بدين ۾ ٿرڪول باءِ پاس وٽ پيٽرول پمپ جي ڀر ۾ پيٽرول پمپ کان جاءِ وٺي سيف اسڪول کولي معصوم ٻارن  جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون پيٽرول پمپ وٽ اسڪول کولڻ سبب ٻار ڪنهن به وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.  هڪ پاسي تعليم کاتو  ٽيسٽ ڏئي ميرٽ تي تجربيڪار استادن جي ڀرتي ڪري پيو  ته ٻئي طرف وري سرڪاري تعليمي اسڪول بند ڪري سيف کي اجازت نامو  ڏئي اسڪول کوليا پيا وڃن ۽ 6 ھزار کان 10 ھزار تائين  گهٽ معاوضي عيوض سيف جي اسڪولن کي ھلايو پيو وڃي جن تي ڪنهن به قسم ڪا نظرداري نه آھي سموري ڪم ۾ سرڪاري تعليم کاتي  جا آفيسر ۽ استاد شامل ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي. سنڌ جي5000 ھزار ۽ بدين جا اٽڪل 300  سئو اسڪول بند  ڪيا پياوڃن. سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن بابت ذريعن عوامي آواز  کي ٻڌايو ته پرائمري سرڪاري اسڪول جي ڏيڍ ڪلو ميٽر جڏھن ته مڊل يا ھاءِ  اسڪول جي 5 ڪلو ميٽرن  اندر  ڪوبه سيف اسڪول نه ٿو ھلائي سگھجي پر بدين ۾ سڀ ڪجھه  ان جي ابتڙ ھلي رھيو آھي ھڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي پرائمري  ۽ ٻن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي مڊل اسڪول قائم ڪري ذميواري سيف کي ڏني پئي وڃي. شھيد بينظير بستي ۾ سرڪاري اسڪول ھلندڙ آھي ان جي ڀر ۾ پيٽرول پمپ کان جاءِ وٺي سيف جو اسڪول کوليو  ويو آھي ساڳي ريت صديق جت ٽنڊو باگو روڊ تي ڇٽو ھاليپوٽو اسڪول جيڪو سرڪاري قديمي اسڪول آھي ان جي سامھون وري سيف جو اسڪول کوليو ويو آھي ساڳي روڊ تي عالم کوسو سيف اسڪول کوليو ويو جنهن جي ڀر ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول حاجي علي محمد سميت ٽي سرڪاري تعليمي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن. تعليم کاتي جي بدين عملدارن موجب سيف  سرڪاري اسڪولن  جي موجودگي وارين جاين تي  به اسڪول کولي رھي آھي اھي اسان کي ان بابت ڪجھ به نه ٿا ٻڌائين، انهن جو رابطو ڪامورن سان آهي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سيف بدين جي انچارج سني جبران جمالي  عوامي آواز کي ٻڌايو ته اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اسڪول کولڻ جو مقصد سرڪاري اسڪول ۾ استاد گھٽ ۽ ٻار وڌيڪ آھن پوءِ اسان ويجھي مفاصلي تي اسڪول کولي ٻارن کي تعليم ڏئي سگھون ٿا پر اڌ ڪلو ميٽر کان گھٽ فاصلي ۽ سرڪاري تعليمي اداري ۾  استاد ۽ ڪمرا پورا آھن ته پوءِ نه ٿا کولي سگھون  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڏيڻ بدران سني جبران جمالي عوامي آواز کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ويب سائيٽ ڏسڻ جو صلاح ڏنو . ڊي او  ايجوڪيشن پرائمري  بدين محمد اسلم پٺاڻ عوامي آواز کي ٻڌايو ته سيف جي اسڪولن بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه آھي ايتري خبر آھي ته اسڪول تيزي سان کلن پيا، سيف جا معاملا مٿي اختياريون پاڻ  ڏسن ٿيون.

  • خطرناڪ هنڌن تي اسڪول کلڻ سبب ٻارڙن جي حياتين کي خطرو

بدين : بدين شھر جي شھرين ڪاشف عباسي . محمد  صديق پنھور . علي اصغر کوسو . اختر علي ۽ ٻين چيو ته معيار تحت اسڪول ٺھڻ پري جي ڳالھه پر ھن وقت جيڪي اسڪول ھليا پيا وڃن اھي تڪڙ تڪڙ ۾  انتھائي خطرناڪ جاين ۾ اسڪول ھلايا پيا وڃن جنھن سان ڪوبه حادثو ٿي سگھي  ٿو. مصروف  مين ٿر ڪول روڊ ڀرسان پيٽرول پمپ جي دڪانن تي اسڪول کولڻ حيرت جوڳي ڳالھه آھي. ضلعي انتظاميه بدين فوري طور شفاف جاچ ٽيم جوڙي سيف  جي اسڪولن کي ڏسي جيئن وڌيڪ نقصان کان معصوم ٻار بچي سگھن. آخر ۾ شهرين اعليٰ اختيارين سميت چيف جسٽس آف سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته هن مسئلي تي فوري نوٽيس وٺي ٻارن جي زندگي ۽ مستقبل بچايو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.