قتل ڪيس جي جوابدار تعليم جي شعبي ۾ ميدان ماري ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قتل جي ڏوهه ۾ 25 سالن جي سزا ڀوڳيندڙ نوجوان تعليم جي ميدان ۾ ڊوڙندڙ ميدان تي لهي آيو آهي. ڪراچي جيل رڳو چار ديواري آهي، نيڪي ۽ بدي انسان جي دل ۾ آهي، ڪنهن جيل ۾ مستقبل برباد ڪيو، ڪنهن دنيا ٺاهي. اهو قيدي تي منحصر آهي ته هو مجرم ٿيڻ يا سٺو ماڻهو ٿيڻ جو فيصلو. اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي سينٽرل جيل ڪراچي جي هڪ قيدي جي سامهون آئي آهي جنهن جيل ۾ تعليم جي ميدان ۾ ميدان ماريو. جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته قيدي نعيم شاهه امتحانن ۾ ٽاپ ڪيو آهي. انٽرميڊيئيٽ جي امتحانن ۾ پاس ٿيندڙ سينٽرل جيل جي قيدي کي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي اسڪالر شپ جي آڇ ڪئي وئي آهي. جيل اختيارين موجب نعيم شاهه کي قتل ڪيس ۾ 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، نعيم شاهه 11 سال قيد سٺي نموني پوري ڪئي آهي. سينٽرل جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته نعيم شاهه بنيادي تعليم به جيل ۾ ئي حاصل ڪئي.

  • ڪهڙو به طريقو استعمال ڪري حڪومت گهر موڪلڻ گهرجي: مريم نواز

لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ جيڪو به طريقو آزمائڻو پئي آزمائجي.بلال ياسين جي عيادت  جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مري واقعو سڄي دنيا جي سامهون آهي، اتهي ماڻهو برف سان نه پر حڪمرانن جي نااهلي ۽ بي حسي سبب فوت ٿيا، سخت  سيءَ ۾ خاندانن جا خاندان مرندا رهيا ۽ هي بني گالا ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ هيٽر هلائي سُتها پيا هئا، عوام کي سڀ خبر آهي ته سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا آهي.هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو بيانيو هاڻ نه رڳو سياسي جماعتن جو پر عوام جو بيانيو بڻجي ويو آهي، هاڻ ته سياسي جماعتن کي عوام جي چوڻ تي هلڻو پوندو، هن حڪومت  جي نااهلي ۽ نالائقي سڄي دنيا جي سامهون آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.