ميهڙ ڀرسان شاگردياڻي هراسان ڄاڻائي اسڪول جو گهيرو، ماستر گرفتار

دادو/ ميھڙ/ راڌڻ (نمائندا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ سنڌي ٻٽڙا  جي پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي رخسانا سولنگي پنھنجي ئي اسڪول جي استاد سيد نذير شاھ  مٿان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام ھنيوآھي. سنڌي ٻٽڙا جي پرائمري اسڪول جي شاگردياڻي رخسانا سولنگي روئندي گھر پھچي گھر ڀاتين کي اطلاع ڏنو ته اسڪول جي استاد نذير شاھ  ساڻس نازيبا حرڪتون ڪري جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جنھن بعد نينگري جي والد ذوالفقار سولنگي ڳوٺ جي چڱي مڙس غازي خان سولنگي جي اڳواڻي ۾  سوين ڳوٺاڻن اسڪول پھچي اسڪول جو گھيرو  ڪيو.  ان دؤران پوليس پھچي الزام ھيٺ آيل استاد سيد نذير شاھ کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته متاثر نينگري جي وارثن ذوالفقار سولنگي ۽ غازي خان سولنگي جي اڳوڻي ۾ سنڌي ٻٽڙا ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪندي چيو ته وحشي استاد اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف اسڪول جي ھيڊ ماستر عجيب قمبراڻي صحافين کي ٻڌايو ته مونکي واقعي جو اطلاع مليو ته مون الزام ھيٺ آيل استاد کي پوليس حوالي ڪيو .  اسڪول جي استاد نصير ملڪ چيوته شاگردياڻي رخسانا سخت پريشاني  ۽ خوف ھراس واري صورتحال ۾ مونکي ٻڌايو ته استاد  خراب حرڪتون پيو ڪري هوڏانهن پوليس پاران نينگري جي ميڊيڪل چڪاس لاءِ کيس ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.