سامارو ڀرسان مچ مان باهه لڳڻ ڪري پيرسن فوت

سامارو (ن ع آ) سامارو ويجهو ڳوٺ قاسم انڙ ۾ سيءُ کان بچڻ لاءِ ٻاريل مچ مان باهه لڳڻ ڪري پيرسن غلام علي شيخ سڙي  فوت ٿي ويو، سامارو پوليس لاش تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، ڳوٺ جو چڱي مڙس محمد قاسم انڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته فوتي رات باھ جي مچ ويجهو ستل هو ته کيس اوچتو باهه وڪوڙي ويو، جنهن سبب سندس جسم جو ڳچ حصو سڙي زخمي ٿي پيو بعد ۾ پيرسن فوت ٿي ويو.

  • ڪراچي ۾ڦرون ڪندڙ جعلي صحافي گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي ( رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو )  اي وي سي سي پوليس گلستان جوھر مان صحافتي ڪارڊ پائي پوش علائقن جي گهرن مان ڦر   ڪندڙ گروپ جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي . ايس ايس پي اي وي سي سي معروف عثمان مطابق ٽيم ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پوش علائقن جي گھرن مان ڦر ڪندڙ گروپ جو سربراهه گرفتار ڪري ورتو . جوابدار جاويد وٽان گاڏي ۽ ھٿيار به  ھٿ ڪري ورتو آهي . معروف عثمان جو چوڻ آهي ته  جوابدارن جو گروپ گھرن ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي ڦرون ڪندو ھو . جوابدار ڦر جي لاءِگھر جو دروازا اسٽيل جي اسڪيل سان کوليندا ھئا ۽ دوران ڦر ھيلمٽ ۽ ماسڪ جو استعمال ڪندا ھئا. جڏھن ته  جوابدار جاويد خانگي ٽي وي چينل جو ڪارڊ پائي ڪري وارداتون ڪندو ھو .. جوابدارن جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن . جوابدارن وارداتن ۾ ھن وقت تائين لکين رپيا روڪ سونا زيور ۽ موبائيل فون ڦر ڪري چڪا آھن .

  • ڪراچي ۾ امن تباهه ٿي ويو، رينجرز ذريعي آپريشن ڪيو وڃي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي رينجرز ذريعي آپريشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيئن شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن جي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ رينجرز جي ذريعي آپريشن ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي گهر ٻاهران ڌاڙيل هٿان مارجي ويل نوجوان شاهه رخ سليم جي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڏوهن جي وڌندڙ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ پوليس امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ ڏيڻ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن بي گناه شهري زندگيون وڃائي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي ٿاڻن تي مقرر اهلڪار ڪرپشن، ڀتا خوري ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهن.

  • اورنگي ۾ ننڍي عمر وارن ڦورن جي ڦر لٽ، وڊيو وائرل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦورن جو راڄ، اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 8 ۾ 10 ڦورن گروپ تي مشتمل ڦورن جي پئٽرول پمپ تي  ڪاهه ننڍي عمر وارا ڦورو هٿيارن جي زور تي شهرين کان ڦر لٽ ڪري با آساني فرار ٿي ويا. واقعي جي سي سي ٽي وي ڦوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، شهرين  پوليس ڏوهن ٿي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام جا تبصرا ڪيا.

  • عمران خان مائنس ٿيڻ بعد پارٽي ۾ ڪجهه نٿو ٻچي: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پي ٽي آءِ مان عمران خان مائنس ٿيڻ بعد پارٽي ۾ ڪجهه نٿو ٻچي، مخالف ڌر ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سموريون جماعتون صوبن تائين محدود ٿي ويو آهن، هن وڌيڪ چيو ته ليڊر اهو ئي هوندو آهي جيڪو دٻاءُ برداشت ڪري، ممڪمن آهي پرويز خٽڪ لي لهجي ۾تلخي هجي ۽ اها تلخي ٺهي به ٿي. حماد اظهر تي گئس نه ملي جي ڪاوڙ نٿي ٺهي، هن وٽ گئس آهي ڪو نه ته ڪئين ڏيندو.  ان کان اڳ جاري ٿيل بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي تي ڪاري قانون جي زور تي قبضو ڪيو پيو وڃي. عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن قانون بابت خدشن کي دور نه ڪيو ويو ته سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو. گورنر سنڌ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪراچي کي سمارٽ سٽي بڻائڻ بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي هر گهٽي ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

  • ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، 2 زخمي، ڏوھارين سميت 6 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ پوليس مقابلن ۾ 2 زخمي ڏوھارين سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتيون . جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي حد گرومندر اسٽريٽ 36 جي ڀرسان پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڦورو اسماعيل ولد غلام حسين زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو .. سائٽ سپر ھاءِ وي مريم موڙ ڀرسان اي وي سي ايل پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ڦورو علي اڪبر ولد پنھل خان زخمي ٿي پيو . . ايس آئي يو جي پوليس پارٽي ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان مقابلي کان پوءِ 4 جوابدارن  زخمي محمد عامر , نعمان , سھيل ۽ صابر رحمان کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ 2 موٽر سائيڪلون ھٿ ڪري ورتي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.