لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ ٻئي ڏينهن به ڇڪتاڻ، قيدي ڇتين تي چڙهي ويا، باهيون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري رهي جتي صبح جي وقت ڪيترائي قيدي جيل جي ڇتين تي چڙهي پيا جتي هنن رلين، ڪپڙن ۽ سامان کي باهه ڏئي جيل انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ توڙي جيل مان جاري ڪيل پنهنجي آڊيو ميسيج ۾ قيدين دانهيندي الزام لڳايو ته  گذريل ڏينهن جيل پوليس واجد جتوئي کي جيل مان ڪڍي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو اهڙي دانهن ڏيڻ تي جيل انتظاميه رات بشير عرف بشو شابراڻي، خاخن ڪلهوڙو، محمد علي کوکر، علي محمد ڪلهوڙو، قربان ابڙو، پرويز ابڙو، نياز ماڇي، قيصر جتهوئي، ضمير جتوئي، سرور جتوئي، سلمان جتوئي سميت 15 قيدين کي ڳالهين لاءِ گهرائي کين بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ٻن قيدين علي محمد ۽ بشير جي ٻانهن ۽ ڄنڳهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ بعد ۾ بشو شابراڻي کي گم ڪري ڇڏيو جنهن ڪري هاڻي اسان کي حاضرين تي وڃڻ کان به خوف ٿو ٿئي. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته جيل انتظاميا اسان کان پئسا ۽ ڀتو گهري رهي آهي نه ڏيڻ تي گذريل ٻن ڏينهن کان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل کي دوزخ بڻائي مسلسل قيدين مٿان ظلم ڪري اسان جي ماني ۽ بيرڪن  جي بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن ڪري جيل اندر سمورن قيدين جي جانين کي خطرو پڻ آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ٻڌايو ته جيل جو ماحول کي خراب ڪندڙ سزا يافته قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن معاملي تان قيدي گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل غيرقانوني مطالبا ڪري جيل جي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن اهڙي عمل جي ڪنهن به قيدي کي اجازت نه ڏني ويندي جيڪڏهن ڪنهن به قيدي اهڙي قسم جي حرڪته ڪئي ته ان خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻائي گم ڪيل قيدي بشو شابراڻي جي وارث عورتن مراد واهڻ ۾ پنهنجي گهر اندر جيل انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.