ٽنڊي ڄام پوليس جو نوجوان تي وچ شهر ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد

ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊوڄام پوليس جو هڪ ٻيو انوکو ڪارنامو سامهون اچي ويو آھي ٽنڊوڄام پوليس کيسانه موري واسي آصف زرداري نوجوان  کي منشيات (چرس) هجڻ جو شڪ ڄاڻائيندي وچ شهر جي گرائونڊ تي ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻو تشدد جو نشانو بنائيندا رهيا، جڏھن ته شهر جي مکيا گرائونڊ تي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪندڙ پوليس جون شهري وڊيوز به ڀريندا رهيا ۽ سوشل ميڊيا ته پڻ اپلوڊ ڪري ڇڏيون آھن ڪيترن ئي شهرين جي سامهون پوليس نوجوان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪندي ٿاڻي تي کڻي وئي، ٻئي پاسي نوجوان جي ڀاءُ غلام قادر زرداري ٻڌايو ته منهنجي ڀاء کي بيگناھ ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آھي ۽ ڪيترين ئي شهرين جي سامهون ڀاءُ کي ڪپڙن کان آجو ڪري ان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آھن هن چيو ته منهنجو ڀاءُِ بي گناھ آھي هن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته سندن ڀاءُ سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.