حريم شاهه گهيري ۾، مني لانڊرنگ بعد سائبر ڪرائم ڪارروائي شروع

ڪراچي/ اسلام آباد( رپورٽر/ م ڊ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائم به ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه خلاف جاچ داخل ڪري ورتي آهي. هڪ وڊيو ۾ ڪراچي کان برطانيه رقم کڻي وڃڻ جي دعويٰ ڪندڙ حريم شاهه خلاف  ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ عمران رياض موجب سائبر ڪرائم ونگ حريم شاهه جي مني لانڊرنگ جي اعتراف ۽ ان کي مذاق واري وڊيو قرار ڏيڻ جو نوٽيس ورتو آهي . عمران رياض چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز جو استعمال پاڪستان جي حڪومت ۽ رياستي ادارن جي تذليل ۽ بدنامي آهي، سندن اهو عمل مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ٿو. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي چيو ته حريم شاهه کي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ لاءِ باضابطا نوٽيس جاري ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪندي چيو ويو ته اثرائتا اپاءُ وٺڻ سان حريم شاهه ائين نه ڪري سگهندي. هوڏانهن برطانيا جي ڪرائم ايجنسي کي خط لکيو ويو آهي. 03

  • ڪارروائي جي خوف تي يوٽرن، مني لانڊرنگ نه ڪئي: حريم شاهه

ڪراچي(م ڊ) ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه جي برطانيا منتقلي واري دعويٰ کانپوءِ ايف آءِ اي جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ ٽِڪ ٽاڪر پنهنجي بيان تان ڦري وئي . هاڻ سوشل ميڊيا تي  حريم شاهه جي هڪ نئين وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ شخص به ساڻس گڏ آهي . حريم جو چوڻ هو ته منهنجي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ مون تي مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا پر مان ڪڏهن به مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ۽ نه ئي مون کي ان حوالي سان خبر آهي .حريم پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي مذاق قرار ڏنو ۽ پئسن بابت انڪشاف ڪيو ته مان پنهنجي ڀاءُ جي آفيس ۾ آئي هئس ۽ جڏهن مون اتي ڪجهه پئسا ڏٺا ته هن اها رقم سندس اجازت سان وڊيو ٺاهڻ ۾ استعمال ڪئي. وڊيو ۾ حريم شاهه سان گڏ هڪ ٻيو شخص به آهي جنهن پنهنجو تعارف مني ايڪسچينج جي ملازم طور ڪرايو ۽ چيو ته هي رقم هن جي آهي. وڊيو ۾ موجود شخص جو چوڻ هو ته مان حريم کي فون ڪئي ۽ هوءَ لنچ لاءِ منهنجي آفيس  آئي هئي، حريم مزن کي ان رقم سان وڊيو ٺاهڻ جي اجازت گهري هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.