حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ رينجرز ذريعي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ رينجرز ذريعي آپريشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

حليم عادل شيخ پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل نوجوان شاهه رخ سليم جي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهن جي وڌندڙ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ پوليس امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ ڏيڻ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن بي ڏهه شهري زندگيون وڃائي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي جي ٿاڻن تي مقرر اهلڪار ڪرپشن، ڀتا خوري ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ڌاڙيل ۽ ڦورو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شهرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ آزاد گهمي رهيا آهن، سنڌ حڪومت پوليس کاتي ۾ ڪرپشن، سياسي مداخلت جي ڪري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي مڪمل طور تي بي اثر ۽ ڪنٽرول کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ اسان سڀني کي جاڳڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ امن امان لاءِ رينجرز ذريعي آپريشن ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.