مڪاني ترميمي ايڪٽ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ترميمي ايڪٽ 2021 خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ مڪاني ترميمي ايڪٽ 2021ع جي خلاف داخل درخواست تي عدالت سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب گهري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته پ پ طرفان آندل مڪاني ترميم ايڪٽ 2021 خلاف جماعت اسلامي جو ڪراچي ۾ گذريل ٻن هفتن کان ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڳالهين واري ڪميٽي 4 ڏينهن کان مفرور آهي، اسان آچر ڏينهن شاهراهه فيصل کي 3 وڳي مڪمل طور بلاڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.