چنڊ جي سطح تي پاڻي دريافت

چين جي خلائي مشن چينگ چنڊ جي سطح تي پاڻي جي شاهدين کي دريافت ڪري ورتو. چنڊ تي اهڙن ماليڪيولز جو گھڻو انگ سول ونڊ امپلانٽيشن دوران گڏ ٿيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني خلائي مشن چنڊ تي پاڻي جي ماليڪيولز يا هائڊروآڪسل کي دريافت ڪيو آهي جيڪو ايڇ 2 ۽ او جهڙو ڪيميڪل  آهي. ماهرن مجزيو ڪيو آهي ته چنڊ جي سطح تي پاڻي في ملين 120 حصن کان گھٽ آهي، جنهن موجب چنڊ جي سطح زمين جي ڀيٽ ۾ گھڻي خشڪ آهي.

ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سائنسدانن جو مڃڻ هو ته چنڊ مڪمل طور تي خشڪ آهي، انهيءَ ڪري سج جي سخت ريڊي ايشن سبب پاڻي جي ماليڪيولز کي ڪنهن به قسم جو تحفظ نٿو ملي.

ناسا پنهنجي تحقيق ۾ چيو هو ته چنڊ جي سطح تي دريافت ڪيل پاڻي جي مقدار جي ڀيڻ دنيا جي سڀ کان رِڻ صحارا سان ڪئي وڃي ته ان رِڻ ۾ سئو ڀيرا وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي موجود آهي.

پر گھٽ مقدار باوجود ان دريافت سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته چنڊ جي ڏکي ۽ هوا کان محروم سطح تي پاڻي ڪيئن ٺهيو ۽ برقرار رهيو.

1969ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو خلاباز چنڊ تي پهتا هئا ته اهو مڃڻ هو ته چنڊ مڪمل طور تي خشڪ آهي پر گذريل 20 سالن دوران مختلف مشنز ۾ چنڊ جي قطبي علائقن ۾ اوندهه ۾ لڪل کڏن ۾ برف جي تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.