انوکي سمارٽ فون جنهن ۾ ڪيمرا ۽ جي پي ايس موجود ئي ناهي

هر مهيني ڪيترائي نوان اينڊرائيڊ سمارٽ فونز ڪمپنين طرفان متعارف ڪرايا ويندا آهن پر بينڪو نالي ڪمپني جهڙو فون اوهان اڳ نه ڏٺو هوندو.

اهو گھڻو غيرمعمولي اينڊرائيڊ سمارٽ فون آهي جنهن ۾ ڪيمرا ۽ جي پي ايس ريسيور موجود نه آهي ته جيئن واهپيدارن جي پرائيويسي کي يقيني بڻائي سگھجي.

بينڪو وي 80 ايس فون ۾ 6.5 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي.

فوٹو بشکریہ بینکو

فون ۾ يوني ايس او سي ايس سي 9869 اي پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي.

ان کان به حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته فون ۾ سيلفي ڪيمرا ته موجود آهي پر واٽر ڊراپ نوچ آهي جنهن جو سبب في الحال خبر ناهي.

ڪمپني موجب فون تان 4 جي نيٽ ورڪ تي ڪالز ڪري سگھجن ٿيو جڏهن ته ڊوئل بينڊ واءِ فاءِ سپورٽ به ڊوائيس جو حصو آهي.

بيڪ تي هڪ فنگر پرنٽ اسڪينر آهي ۽ اسپيڪر ڪٽ آئوٽ ڊوائيس جي هيٺين حصي ۾ آهي.

بينڪو وي 80 ايس ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي جڏهن ته 3کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

اها فون بلو ۽ سلور رنگن ۾ دستياب هوندي پر ڪمپني في الحال دستيابي جي تاريخ ۽ قيمت جو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.