اوپو جو سستو سمارٽ فون ”اي 36“ متعارف

اوپو اي سيريز جو هڪ ٻيو سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

اوپو اي 36 کي چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنيپ ڊراگون 680 پراسيسر ڏنو ويو آهي.

ان فون ۾ 6.56 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان ليس آهي پر ريزولوشن رڳو 720p آهي.

فرنٽ تي پنچ هول ڊزائين ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪل آهي.

اهڙيءَ طرح بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي جنهن جي مين ڪيمرا آءِ لينڊ رينو 7 جهڙي آهي يعني 2 وڏن سرڪل ۾ ڪيمرا لڪل آهي.

اے 36 — فوٹو بشکریہ اوپو

فون جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل پورٽريٽ هيلپر ڪيمرا ڏني وئي آهي.

اي 36 ۾ 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ ذريعي وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ ان فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي.

ان فون جي قيمت 1599 چيني يو آن (44 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي ۽ اها بلو ۽ بليڪ رنگن ۾ دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.