ميهڙ: شاگردياڻي جو استاد تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام، گرفتار

ميهڙ ڀرسان چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي اسڪول جي استاد تي مبينا زيادتي جي ڪوشش جو الزام هنيو آهي.

ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سنڌ ٻٽڙا ۾ پڙهندڙ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي رخسانان سولنگي اسڪول جي استاد نذير شاهه مٿان مبينا زيادتي جو الزام هنيو آهي.

رخسانا سولنگي گھر وارن کي ٻڌايو ته اسڪول جي استاد ساڻس نازيبا حرڪت ڪرڻ بعد زيادتي جي ڪوشش ڪئي آهي.

جنهن کان پوءِ پوليس الزام هيٺ آيل استاد کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو.

ٻي پاسي نينگريءَ جي پيءُ ذاولفقار سولنگي ۽ ٻين پاران اسڪول ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته وحشي صفت نذير شاهه مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.