نوشهروفيروز: پرائمري اسڪول ڳوٺ مٺو خان مري زبون حال، احتجاج

نوشهري فيروز ڀرسان ڳوٺ مٺو خان مري جو پرائمري اسڪول زبون حاليءَ جو شڪار هجڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان سلسلي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته ڇتين ۽ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن جڏهن ته روزانو ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.

هنن چيو ته اسڪول جي حالت زبون حال هجڻ سان گڏوگڏ اسڪول ۾ فرنيچر سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ڪيترائي ڀيرا تعليم ۽ ورڪس ڪاتي کي اسڪول جي مرمت جو چيو آهي پر هن وقت تائين انتظاميا کي به قدم ناهن کنيا.

هنن سيشن جج نوشھروفيروز ، سنڌ حڪومت ۽ ٻين لاڳياپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي اسڪول جي مرمت جو ڪم ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.