ٽنڊو الهيار: ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، انگ وڌي 9 ٿي ويو

ٽنڊي ڄام ۽ ڀرپاسي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

ڳوٺ مهرو لاشاري جو رهواسي رشيد ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو فوتي جي وارثن پاران ٽنڊي الهيار ۾ حيدرآباد-ميرپوخاص روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ٻي پاسي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي فوتين جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪچو واپرائڻ سبب ٿيل فوتگين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.