زيتون جو تيل خطرناڪ مرضن کان بچائي ٿو

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي غذائي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن مکڻ ۽ مارجرين جي جاءِ تي زيتون جي تيل جو معمولي مقدار روزانو استعمال ڪيو وڃي ته دل ۽ دماغ جي بيمارين جو خطرو گھڻو گھٽجي وڃي ٿو.

اهو نتيجو هنن تقريبن هڪ لک آمريڪين جي غذائي عادتن جو 28 سالن تائين جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪڍيو ويو.

جرنل آف دي آمريڪن ڪاليج آف ڪارڊيالوجي جي تازي پڌرائي ۾ ڇپيل ان تحقيق مان خبر پئي آهي ته جن عورتن ۽ مردن روزانو رڳو 7 گرام (کائڻ جو اڌ چمچو) زيتون جو تيل سراسري طور استعمال ڪيو، اهي دل ۽ دماغ جي مختلف بيمارين کان محفوظ رهيا.

اهو ئي نه پر مکڻ ۽ مارجرين جي ڀيٽ ۾ زيتون جي تيل کي ترجيح ڏيندڙ ماڻهن ۾ ڪينسر  سبب ٿيندڙ موت به گھٽ ڏٺا ويا.

واضح رهي ته صحت جي حوالي سان زيتون جا فائدا ڪا نئين ڳالهه نه آهن، پر اها پهرين تفصيلي ۽ ڊگھي تحقيق آهي جنهن ۾ زيتون جي ڀيٽ مکڻ، مارجرين ۽ مايونيز وغيره سان ڪرڻ کان پوءِ محتاط نتيجو حاصل ڪيو ويو آهي.

هارورڊ ٽي ايڇ چين اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، بوسٽن تحت ٿيل ان تحقيق مان خبر پئي آهي ته زيتون جو تيل بلڪل به استعمال نه ڪندڙ جي ڀيٽ ۾ جن ماڻهن روزانو سراسري طور کائڻ جو رڳو اڌ چمچي جيترو زيتون جو تيل باقاعدگي سان استعمال ڪيو هو، انهن ۾ دل جي ڪنهن به بيماري سبب موت جو خدشو 19 سيڪڙو گھٽ هو.

ان کانسواءِ انهن ۾ ڪينسر سان موت جو خطرو 17 سيڪڙو، دماغي ۽ اعصابي بيماري سبب موت جو خطرو 29 سيڪڙو گھٽ ۽ ساهه جي تڪليف سبب موت جو خدشو 18 سيڪڙو گھٽ هو.

تحقيق ۾ اها به خبر پئي ٽه جيڪڏهن مکڻ ۽ مارجرين جهڙن سڻڀن جي استعمال ۾ رڳو 10 گرام روزانو گھٽتائي ڪندي انهن جي جاءِ تي ايترو ئي زيتون جو تيل استعمال ڪيو وڃي ته ڪنهن به طبي سبب جي ڪري موت جي خطري کي 8 کان 34 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي وڃي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.