پاڪستاني پاسپورٽ صوماليا ۽ يمن کان به ڪمزور

پاسپورٽ جي درجا بندي جاري ڪندڙ  تنظيم هينلي اينڊ پارٽنرز 2022 جي لاءِ هينلي پاسپورٽ انڊيڪس جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت جاپان ۽ سينگاپور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جا طاقتور پاسپورٽ قرار ڏنا ويا آهن.

جاپان ۽ سينگاپور جا پاسپورٽ رکندڙ شهري بنا ڪنهن ويزا جي 192 ملڪن جو سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته طاقتور پاسپورٽ ۾ جرمني، ڏکڻ ڪوريا ٻئي نمبر تي آهن ۽ انهن ملڪن جا شهري 190 ملڪن جو سفر بنا ويزا جي ڪري سگهن ٿا.

انڊيڪس ۾ پاڪستاني پاسپورٽ اتر ڪوريا، صوماليا ۽ يمن کان به هيٺ 108 هين نمبر تي آهي، پاڪستان جا شهري رڳو 31 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا، رينڪنگ ۾ اتر ڪوريا جو پاسپورٽ 104، صوماليا جو 106 ۽ يمن جو 107  نمبر تي آهي، پاڪستان کانپوءِ شام 109، عراق 110 ۽ افغانستان 11 هين نمبر تي آهن.

فهرست ۾ ڀارتي پاسپورٽ 83  پوزيشن تي آهي ۽ ڀارتي شهري 60 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.

اها درجابندي هر سال جي شروع ۾ جاري ڪئي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ ان کي هر ٽن مهينن بعد اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي.

هينلي پاسپورٽ ويزا انڊيڪس جي ويب سائيٽ موجب ريئل ٽائيم ڊيٽا کي سڄي سال ۾ اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ ويزا پاليسي کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي، هي ڊيٽا انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (IATA) کان ورتي وئي آهي.

درجابندي جو فيصلو ان بنياد تي ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙي ملڪ جو پاسپورٽ رکندڙ شهري پهرين ويزا حاصل ڪرڻ بنا ڪيترن ملڪن جو سفر ڪري سگهي ٿو، مطلب ته سفر جي لاءِ کيس اڳ ئي ويزا حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.