ڪورونا وائرس جي چيني دوا جا پاڪستان ۾ ڪامياب تجربا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيميائي ۽ حياتياتي علم بابت عالمي مرڪز (آءِ سي سي بي ايس)، ڪراچي يونيورسٽي تحت ڪورونا وائرس جي علاج ۾ روايتي چيني دورا ”جنهوا ڪنجن گرينولس“(Jinhua Qinggan Granules) جي طبي آزمائش ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ڊرگ رسرچ (پي سي ايم ڊي) ڪراچي يونيورسٽي جي سينٽر فار بايو ايڪوي ويلينس اسٽڊيز اينڊ ڪلينيڪل رسرچ (سي بي ايس سي آر) تحت ڪورونا وائرس جي مريضن مريضن جي علاج ۾ روايتي چيني دورا ”جنهوا ڪنجن گرينولس“(Jinhua Qinggan Granules جي ڪامياب طبي آزمائشن (ڪلينيڪل ٽرائلز) جي نتيجن جو اعلان ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب دوران ڪيو ويندو جيڪا 17 جنوري 2022ع جي صبح جو ڪيميائي ۽ حياتياتي علم بابت عالمي مرڪز (آءِ سي سي بي ايس) ڪراچي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪئي ويندي.

صحت بابت سنڌ جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ان جي نتيجن جو اعلان ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.