اي پي ايس سانحو ڪيس: حڪومت عدالت کان وڌيڪ وقت گهري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ڪيس ۾ حڪومت سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ وقت گهري ورتو.

حڪومت وزيراعظم جي صحيح ٿيل رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت عظميٰ کي وڌيڪ 3 هفتا وقت ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

حڪومت طرفان درخواست ۾ چيو ويو ته شهيدن جي والدين سان وزيراعظم جي ڪميٽي هڪ ملاقات ڪري چڪي آهي، جڏهن ته جلد هڪ ٻي ملاقات ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي مطمئن ڪري سگهجي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 10 نومبر تي وزيراعظم کان هڪ مهيني ۾ اڳڀرائي رپورٽ گهري هئي، عدالت گذريل مهيني به وفاقي حڪومت جي 3 هفتا وقت ڏيڻ جي اپيل منظور ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.