وحشي جوابدارن جي معذور ناري سان اجتماعي لڄالٽ

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 16 ورهين جي ذهني معذور ناري کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ناري سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو راجسٿان جي ضلعي الور ۾ پيش آيو، جتي جوابدارن 16 ورهين جي ناري کي اڳ ۾ لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ جسم جي نازڪ حصي ۾ تيز ڌار اوزار وجهي کيس پل تان هيٺ اڇلائي فرار ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته متاثر معذور ناري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پل وٽان ملي، جنهن کي فوري طور طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميڊيا موجب وحشي جوابدارن ناري جي جسم جي حساس حصن ۾ سخت شيون وڌيون، جنهن ڪري سندس اندوني عضوا شديد متاثر ٿيا آهن.

ڊاڪٽرز موجب رت نه بيهڻ جي ڪري ناري جو فوري طور آپريشن ڪيو ويو ۽ هاڻي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.