پيٽ ڪمنز پاڪستان دوري لاءِ پراميد

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز پنهنجي ٽيم جي پاڪستان دوري جي حوالي سان پراميد آهي.

هڪ بيان ۾ پيٽ ڪمنز چيو مون کي يقين آهي ته ٽيسٽ اسڪواڊ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ دوري جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي، مان ان معاملي گهڻو هاڪاري آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جيڪي ڪم ڪيا، اهو شاندار آهن، سڀ ڪجهه سٺي طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه رانديگر نه وڃڻ چاهين ته اهو به ٺيڪ آهي.

واضح رهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن ۾ 3 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.