ڪالعدم ٽي پي ٽي محمد خراساني جي مارجڻ جي تصدق ڪري ڇڏي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) محمد خراساني عرف خالد بلتي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته محمد خراساني عرف خالد بلتي کي 3 ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن افغانستان ۾ قتل ڪيو هو.

ترجمان موجب خالد بلتي 2015 ۾ گرفتار ٿيو ۽ 2021 تائين جيل ۾ رهيو.

واضح رهي ته خالد خراساني پاڪستان کي گهربل هو ۽ گڏيل قومن به هن جو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.