13 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي

¨ 13 جنوري 1440ع تي جڳ مشھور جنگي سورمو ”جون آف آرڪ کي جيئري ساڙيو ويو.

¨ 13 جنوري 1871ع تي قادر الڪلام شاعر محمد حافظ شاهه پراڻي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.

¨ 13 جنوري 1900ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي مصنف ابوالاثر حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 جنوري 1902ع تي ماهر ڊاڪٽر ۽ ادب دوست انسان ڊاڪٽر محمد سليمان قاضي موري شھر ۾ ڄائو.

¨ 13جنوري 1926ع تي ناليوارو فلمساز شڪتي سامنٽ جو جنم ڏينهن آهي.

¨ 13 جنوري 1929ع تي گورڌن محبوباڻي ڀارتي پٽ آسومل محبوباڻي ”لوهاڻو“ تخلص هئس. ڀارتي جو جنم ڳوٺ آراضي تعلقو سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ٿيو.

¨ 13 جنوري 1930ع تي سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو.

¨ 13 جنوري 1942ع تي نالي وارو اديب اظھر سولنگي اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي ڳوٺ ميوي خان تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.

¨ 13 جنوري 1955ع تي پاڪستان ۾ والي بال فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو.

¨ 13جنوري 1955ع تي موسيقار ۽ گلوڪار استاد بندو خان ڪراچي ۾ راھ رباني ورتي.

¨ 13 جنوري 1958ع تي انساني حقن جو ڪارڪن، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر بدر سومرو ڳوٺ ڳاڙهي موري تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.

¨ 13جنوري 1958ع تي ٽيتاليهه ملڪن جي سائنسدانن جوهري تجربي تي پابندي لڳائڻ لاءِ اقوام متحده کي درخواست ڪئي..

¨ 13 جنوري 1961ع تي پاڪستان ۾ ٻي مردم شماري ٿي.

¨ 13 جنوري 1976ع تي نوجوان شاعر مور مغيري، اصل نالو غلام عمر ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم وتو.

¨ 13 جنوري 1980ع تي سعودي عرب سفير دياض الخطيب جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 13 جنوري 1982ع تي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 جنوري 1983ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران خان جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 جنوري 2003ع تي اديب ۽ مصنف ابن حيات پنھور وفات ڪئي.

¨ 13جنوري 2007ع تي صوماليه ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو.

¨ 13جنوري 2007ع تي بحر الڪاهل جي شمال مشرق مغرب ۾ اٺ ڏهائي ٻه شدت جو زلزلو جنھن ۾ جپان، جزيره مارڪس، جزيره ويڪ، جزيره مڊوني، آئرلينڊ، گوام ۽ تائيوان ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.