احساسَ جا اُڪريل چِٽَ

نصير سومرو

هٿ ۾ ڪتاب اٿم … ڪتاب شاعريءَ جو … شاعري مزمل سائر جي، ”روح جي Graffiti“. مزمل ڀرپور سگهھ سان احساس جي ڀت تي گڏيل ياداشت جا ميسارجي ويل نقش نئين سر ليڪڻ جي ڪري ٿو … پنهنجي احساس کي ڏيهي پرڏيهي ڪوين ۽ ڪلاڪارن  جي اهڃاڻي تڪلم سان اظهاري ٿو. انداز پنهنجو اٿس. متن ۾ هٿ ڳنڍي ٿو … آرنڀ يعني شروعات ھنن سٽن سان ڪري ٿو:

”منهنجي روح جي گريفٽي وقت جي پنن تي وکريل

سو، پنا اٿلايان ويٺو

ڪڏهن پوئتي سرڪندڙ وقت جي سلائيڊ تي

ڪڏهن اڳتي سرندڙ ذهن جي سيٽلائيٽ تي

ڪڏهن دماغ جي لالٽين جي مين گيٽ جو horn وڄائي

ڪڏهن ڪنهن متاري وانگر ڌُنڌ جي sauna ۾ ٿڙندي

ڪڏهن پورپي بادل جي آڱر ۾ پوندڙ

ورکا جي مُنڊيء جيئن هوري هوري

پنا اٿلايان ويٺو“

 

ڌُنڌ جي sauna ۾ … ”سونا“ هڪ ٻاڦ تڙ … ڪڪرن ڪارونڀار جي دونهاٽيل منظر ۾ … هڪ پوربي بادل جي آڱر ۾ پوندڙ ورکا جي مُنڊي کي ڏسي

مزمل به هوريان هوريان پنا اٿلائي ويٺو.

 

”وقت جي ميز تي

تخيل جي تاس سان

جيون جا حقيقي ڊيزائين ٺاهيان ويٺو

پنا اٿلايان ويٺو

لفظ پيدا ٿيو

پر پهريون اکر آيو

نه،نه، پهرين آواز آيو“

 

پھريون آواز آيو … معني ته اول ماٺار ڇانيل هئي. اھو پهريٺو آواز ڪُن هو … ڪُن سان فيڪون ٿيو … ٿئي پيو … پيو ٿيندو، ان لاءِ ته ”فَيَڪُون“ جي فعل جو صيغو زمان مُضارع  (aorist) آھي. مُضارع  حال به آهي ته مُستقبل به. (A verb tense expressing action without indicating its completion)

ماٺارِ جو سِينو آواز چِيري سگهي ٿو. سَرَ نِسرڻ جو ٺڪاءُ هجي، يا بِگ بينگ … زوردار ڌماڪو، جنهن سان زمان مڪان جي ڦھليل چادر ئي لڏي وڃي. ارتقا جيان بگ بينگ جو در بنھ بند ناهي ٿيو.  ٻرندڙ سج وساميو وڃن. تارن ٽٽڻ سان پنهنجي ثقل وارا نئون نيوڪليس ٺاهي وٺن ٿا، ملبو نه ته بليڪ هول ڳهي وڃي ٿو. ڪجهه شهاب ثاقب پولار ۾ آوارا بادل وانگر پيا ڀٽڪندا آھن.

ماٺ جو استعارو مڙھي آھي. ماٺ موت آهي … موت خوف آھي. آواز زندگي آھي، زندگي اميد آھي. شاعري به آواز آهي. شاعريءَ ۾ اظھاريل لفظ چونڊيل، وڻندڙ ۽ ابلاغ جوڳا هوندا آھن ته انھن جي فني موزونيت به وڻندڙ يعني جمالياتي هوندي آھي. خيال ڪڏهن ابهام جي ويس ۾ ۽ ڪڏهن پڌرو. شاعراڻي آواز جون لهرون ماٺِيڻيون هُوندي به پِرِ ۾ ڦٽيل ڳيري جيان پيون ڦٿ ڦٿ ڪنديون آھن. شاعر فڪر جي ڦٽيل ڳيري جي ڦٿ ڦٿ محسوس ڪري وٺي ٿو. ان ڪري شاعري، شاعر پڙھي ٿو يا جنهن جو هينئون ڀڄي ڀور ڀور ٿيو هُوندو.

شاعري آواز آهي سو طئہ ٿيو، پر آواز ته اَڍنگو ۽ ڪَنَ ڦاڙَ به ٿئي … چئبو ته شاعري سريلو ۽ مَڌُر آواز آھي.

 

”تون ته زندھ آھين

منهنجي ڪويتائن جي ڌڙڪنن ۾

هر لفظ ۾ آواز تنهنجي وجود جي دنبوري جو آ

هر سٽ ۾ وزن تنهنجي بدن جي گهڙاءَ جو آ

هر معني ۾ روپ تنهنجي ڪنهن ادا جو آ

مون توکي نه

تو مون کي ڳولي لڌو آھي

آءُ ڌڙڪن آھيان

تون منهنجي ڌڙڪنن جورباب“

 

گيت سنگيت جي ملن سان سُر تالَ جي ارتعاشِ (Vibration) جنم وٺي ٿي. ان ڪري سنگيت رٺل روح کي ڪَنَ رَسَ ڏئي ٿي. ڌيان ۾ رهي ته ڪَنَ رَسَ در اصل گيت سنگيت (شاعري ۽ راڳ) جي جماليات آھي. گونج (Resonance) جون لهرون رقص ڪرڻ شروع ڪن ٿيون. لهرون ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي، ڪڏهن اڳتي ڪڏهن پوئتي، من منڊليء ۾  هلچل مچائين ٿيون.  تن جون تاڻيل رڳون ڍريون ٿيو پون ۽ احساس پنهنجي ´وڃايل بهشت` کي ٻيهر ڳولي لهي ٿو. وڃايل شيء جو ملي پوڻ ته لطافت آھي. معني ته احساس(Sensation) روح جو ارتعاش (Vibration) آهي ۽ ارتعاش ئي احساس آهي. شاعر حساس ٿئي ٿو، جو سندس حواس بيدار رهن ٿا ۽ ادراڪ ۾ آيل تي پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿو … بيحس ڏسي به ڏسڻ کان قاصر، ٻڌي به ٻڌڻ کان قاصر … احساس جي هيء ڪيميا رقص، مصوري، اڪر ۽ ٻين لطيف فنن سان به لاڳو  رهي ٿي. قديم زمانن ۾ به تخليق ٿيا ۽ اڄوڪي دور ۾ به تخليق ٿين پيا. ئبو ته سماج جي اڏاوت ۾ ٻين هنرمندن وانگر شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، اداڪارن جو ڪردار خدمتن جي زمري ۾ اچي ٿو. جهڙي طرح جهنڊي، سڪي، لباس، راند ۽ ٻين اهڃاڻن سان قومي سڃاڻپ ٿئي ٿي، تهڙي طرح قومي شاعر جي فڪر سان به گڏيل لاڙن جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر امن جو سفير ۽ پريم مارڳ جو پانڌيئڙو پنهجي گودڙيء ۾ آفاقيت جا قدر کنيون هلي ٿو.

روح جي گريفٽي ۾ مزمل ´جذبن ۽ خيالن جي چٽسالي هڪ جِينيس نقاش وانگر ڪري ٿو`. انداز متضاد (Paradoxical) اٿس … پيراڊوڪس ۾ ضدَ عاميانه ٻڌ سڌ (Common Sense) جي ابتڙ، پر فڪري سٽاءَ ۾ هم آهنگ هوندا آهن. جدلليات ۾ امتزاج (سنٿيسز) ٻن ضدن جو وچور هوندو آھي … گراف ۾ 2D پکيڙ. جڏهن ته گریفٽي ۾ ڦھلاءُ 3D همه گيريت ۽ ڪليت (Integrity) جي تصوير ڏيکاري ٿو. ان ڪري کيس عڪس کي برعڪس سان، برعڪس کي عڪس سان ھڪ وحدت (Unity of opposites)  ۾ آڻڻ لاءِ سنڌي سان گڏ انگريزي شبد ڪتب آڻي ٿو … ڪٿي سنڌي اچارن سان ڪٿي رومن انگريزي ۾. البت معني، تشريح ۽ تاويل جون امڪاني وضاحتون حاشيي ۾ ڏئي ٿو، جهڙوڪ ڪتاب جو نالو ´روح جي Graffiti`. 

گريفٽي، ممڪن آھي ته نثري نظم جي هڪ نئين صنف طور متعارف ٿئي. سرحد پار اهڙو تجربو ڪيل ملي ٿو. شيد ايم ڪمل جو نثري نظمن جو مجموعو آھي. هيءَ نواڻ جي ترقي يافته هيئت ظاهر ۾ عاميانه سڌ ٻڌ (Common Sense) جي ابتڙ ڀاسندڙ، خيالن جي هڪ ڪاڪ ٽيل در اصل زندگي جي نئين شرح آهي. مزمل پڙھندڙ کان ساڻس سهمت ٿيڻ، نه ٿيڻ بدران مغربي ادب ۽ آرٽ سان واقفيت جي اميد رکي ٿو. جيتوڻيڪ اطلاعات ۽ سڌ سماءُ جي عالمي ابلاغ، انگريزي درسي نصاب ۽ سياست، سماجيات، اقتصاديات ۾ مغربي پوئلڳي اختيارڻ ڪري مغربي ادب، آرٽ، فلسفي، سائنس ۽ ٽيڪنالجي سان واڳيل شبد هاڻي ڪي اوپرا ناهن رهيا. سو پيچيدي اسلوب کي سادو بڻائڻ لاءِ حاشين ۾ ڏنل وضاحتي سهولت سان پڙهندڙ کي تهائين تحقيق ۽ تصديق جو اتساھ ملي ٿو.

روح جي گرافٽي هڪ طويل نثري نظم آھي. جيڪو سنڌي ادب ۾ گھاڙيٽي ۽ تخيل جي سپر سانڪ اڏار جو نئون تجربو آهي. نئون تجربو، هڪ نئين روايت قائم ڪرڻ آھي … ڪو خاصن ۾ خاص ڪارنامو (Trait) ڪري ڏيکارڻ آھي. سچ پچ اهڙي اتساهڪ ۽ ڪامياب ڪاوش تي مزمل سائر کيرون لهئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.