پراڻي پيپلزپارٽي ۽ نئين پيپلزپارٽي ۾ فرق

محمد خالد ميمڻ

پيپلزپارٽي جو بنياد پوڻ کان هن مهل تائين پارٽي کي ٻه وڏا لوڏا اچي چڪا آھن. سڀ کان پهريان پارٽي جو بنياد وجهندڙ ذوالفقار علي ڀٽو شھيد کي ڦاسي ڏني وئي ۽ ٻيو وڏو لوڏو محترمه بينظيرڀٽو کي شھيد ڪيو ويو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيپلزپارٽي ۽ هاڻي جڏهن پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري آھي ان ۾ وڏو زمين آسمان جو فرق آھي پهريان پيپلزپارٽي کي عوامي پارٽي جڏهن ته هاڻوڪي پيپلزپارٽي کي حڪومتي حڪمران پارٽي چئي سگهجي ٿو.

اڳ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، پيپلزپارٽي ۾ ڪنهن به وڏيري سردار کي بلڪل به برداشت ڪونه ڪندو هيو ۽ هرسال پارٽي جو هڪ وڏو اجلاس گهرائي اسٽيج تي پاڻ سميت سڀني پارٽي اڳواڻن کي ويهاري پنهنجي پ پ ورڪرن کي چوندو هيو ته مون سميت سڀ پارٽي جا اڳواڻ اوهان جي عدالت ۾ حاضر آھيون. اوهان اسان جو احتساب ڪيو ۽ اهڙن اجلاسن ۾ پارٽي جو ننڍي ۾ ننڍو ورڪر به وڏي کان وڏي اڳواڻ کان سخت کان سخت سوال پڇي سگهندو هيو ۽ اهڙن اجلاسن ۾ ورڪر پارٽي جي اڳواڻن جا پگهر ڪڍرائي ڇڏيندا هيا. ان کان علاوه ڀٽو صاحب پارٽي جي جلسن جلوسن ۾ پڻ عام عوام سان براه راست مخاطب ٿيندو هيو ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏيندو هيو ۽ ڪٿي به ويندو هيو ته اتي موجود وڏن سياستدانن آفيسرن جيڪي هن جي لاءِ قطار ڪيو هار جهليو بيٺا هوندا هيا ته ڀٽو صاحب انهن ڏي وڃڻ کان اڳ عوام جي هجوم ۾ هليو ويندو هيو ۽ ساڻن ڀاڪر پائي سندن جا حال احوال وٺي انهن جا ڏک سور ٻڌي اتي جو اتي آفيسرن کي حڪم جاري ڪندو هيو.

وري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو دؤر آيو ته ان به وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي ته ڀٽو صاحب جي نقش قدم تي هلان جنهن جي ڪري سندس حڪومت جو ڪيترائي دفعا تختو اونڌو ڪيو ويو پر شھيد راڻي ڪڏهن به پنهنجي عوام سان رشتو نه ٽوڙيو ۽ عوام جي ڳالھه کي هميشھ ترجيح ڏني. ڪڏهن به ڪنهن آمر سان ٺاهه نه ڪيو ۽ عوام دشمن آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت جو جام پيتو شهيد ڀٽو صاحب ۽ شھيد راڻي جي اهڙن عوام دوست قدم ڪمن جي ڪري پيپلز پارٽي عوامي پارٽي سڏبي هئي ۽ انهن ٻنهين اڳواڻن جي ڪال تي انهن جي جلسن ۾ لکين ماڻھو پاڻمرادو پنهنجو خرچ ڪري اچي پهچندا هيا ۽ پارٽي جا جهنڊا به پنهنجي خرچ سان ٺھرائي شھرن ڳوٺن جي چوراهن چونڪن تي هڻندا هيا ۽ پارٽي جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندي به ڪونه ڪيٻائيندا هيا. مون کي ياد آھي ته مان به محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلسن ۾ پنهنجي پياري دوست استاد غلام مرتضي ڦل سان گڏ ويندو هيس ۽ اسان پنهنجو خرچ ڪري جلسن ۾ پهچندا هياسين ۽ شهيد راڻي جي رڳو هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ وڏي محنت تڪليف سان ويجهو پهچي سندس کي ڏسندا هياسين. ان دؤر ۾ هڪ جلسو مهراڻ هاسٽل مورو جي ڀرسان هڪ وڏي گرائونڊ ۽ نوشھروفيروز جي رياض ڪالوني ۾ ٿيل جلسن ۾ ويا هياسين. شھيد راڻي جي قتل کان پوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته ان جو نمونو  پهريان کان صفا ابتڙ هيو ۽ 5 سال مرڪز ۾ حڪومت سميت سنڌ ۾ مسلسل 14 هون سال پيپلزپارٽي جي حڪومت رهندي اچي ٿي پئي ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي مان حڪومتي پارٽي بڻجي چڪي آھي ۽ جيڪا پارٽي ڀٽو صاحب ۽ شھيد راڻي جي دؤر ۾ سڄي ملڪ جي هڪ ملڪي پارٽي هوندي هئي اها هاڻي گهٽجي صرف سنڌ صوبي جي پارٽي بڻجي چڪي آھي جنهن پارٽي جي اڳواڻن لاءِ اهو نعرو لڳندو هيو ته ”چارون صوبون کي زنجير بينظير بينظير“هاڻي اها پارٽي رڳو سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري سنڌ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ پوري آھي.

جڏهن ته سنڌ جي عوام هر موقعي تي پيپلزپارٽي کي سرخرو ڪيو آھي جڏهن ته ٻيا ٽئي صوبا پيپلزپارٽي کي رد ڪري چڪا آھن. نئين پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي پاليسين پارٽي کي صفا سوڙهو ڪري صرف سنڌ جي پارٽي تي اچي بيهاريو آھي ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جا ماڻھو به جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ڏيون ته پيپلزپارٽي هڪ ماضي جو قصو بڻجي سگهي ٿي پر اسان سنڌ جا ماڻھو اڄ به شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ,شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو,شهيد مير مرتضي ڀٽو,شھيد شاهنواز ڀٽو جي قربانين کي نه وساريو آھي ۽ انهن جي ئي ڏنل قربانين جي ڪري اڄ به پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام جي طرفان مليل مئنڊيٽ تي سنڌ صوبي ۾ حڪومت ڪري ٿي پئي پر افسوس پيپلزپارٽي جي اڳواڻن وٽ سنڌ جي عوام جي ڏنل خلوص ۽ پيار جو ڪوبه قدر ڪونهي جو انهن سنڌ جي هر اداري کي مڪمل طور تباه و برباد ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي تعليم، صحت، قانون، روينيو، پوليس، مڪاني ادارن سميت هر کاتي ۾ ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آھي. عوام جو ڪوبه جائز ڪم بغير پئسي جي نه ٿو ڪيو وڃي هر اداري ۾ سياسي ماڻھن جا ايجنٽ ويهاريا ويا آھن جن جي حڪم کان سواءِ ڪک به نه ٿو چري .

پيپلزپارٽي ۾ اڳ ڪنهن به ڪرپٽ ڏوهاري ماڻھو جي ڪابه گنجائش ڪانه هوندي هئي. هاڻي جيترو به وڏو ڏوهاري وڏو ڪرپٽ آھي اهو رڳو پارٽي ۾ شامل ٿئي ان کي شرافت جو سرٽيفڪيٽ ڏنو پيو وڃي ان ڪري پارٽي اندر خطرناڪ قسم جا ڏوهاري ڪرپٽ ماڻھو گهڙي آيا آھن جن جي ڪري پارٽي جي اصل جيالن جيڪي پارٽي جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ به ڪڏهن نه ڪيٻائيندا هيا بلڪه هزارن جي تعداد ۾ پارٽي ورڪرن پارٽي ۽ پارٽي جي اڳواڻن جي لاءِ جانيون قربان ڪري ڇڏيون جن جو مثال ايم آر ڊي جي تحريڪ ڪارساز جو واقعو آھي. اڄ انهن پارٽي جيالن جو ڪوبه ڪم نه ٿو ٿئي اڄ اهي پارٽي جا جيالا بي يارو مددگار مري رهيا آهن دانهون ڪري رهيا آھن پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آھي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين پارٽي جي همدرد اڳواڻن کي گهرجي ته پيپلزپارٽي اندر آيل ڏوهاري، قبضا مافيا ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي نيڪالي ڏئي پارٽي جي اصل سرمائي سچن جيالن جي پرگهور لهن ۽ پيپلزپارٽي کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو وانگر هلائين نه ته تاريخ وڏي ظالم آھي هر عروج کي زوال ضرور ايندو آھي ۽ هن وقت پيپلزپارٽي جو عروج آھي ۽ جڏهن زوال آيو ته اهي نقلي جيالا پارٽي کي ائين ڇڏي ويندا جو ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.