ڪُتن جي آتم ڪهاڻي جهڙو هڪ اهم ۽ منفرد ناول!

رسول ميمڻ جو شمار سنڌ جي اُنهن نامور اديبن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت شاعريءَ، ڪهاڻي، ناول ۽ فلسفي تي هڪ جيتري دسترس رکن ٿا. منهنجي مطالعي ۾ ڪجهھ ورهيه اڳ سندس هڪ ڪهاڻي ڪتاب آيو هو. مون کي سندس هر هڪ ڪهاڻي ۾ انيڪ ٻيون ڪهاڻيون نظر آيون هيون ۽ اُنهي سان گڏوگڏ هر هڪ ڪهاڻي جي سٽ سٽ ۾ نثري نظمن جا آبشار وهندي ڏٺا هيم. تنهن وقت بنا ڪنهن دير جي مون سندس ڪهاڻين مان نثري نظم دريافت ڪيا. جيڪي ايترا ته حسين ۽ دلفريب ٿي ڪري سامهون آيا جو انهن کي رسول ميمڻ خود پڙهي ڪري حيران ٿيو هو. سڦلتا پبليڪيشن طرفان ڪجھه عرصو پهريان رسول ميمڻ جو نڪور ناول ”ڪتا“ ڇپجي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن ناول متعلق رسول ميمڻ پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته:”هيءُ ناول فڪشن آهي. آتم ڪٿا نه آهي. فڪشن جي حد اتان شروع ٿئي ٿي. جتي حقيقت جي حد ختم ٿئي ٿي. هن ناول جا ڪتا ناياب آهن. ليکڪ تصور جي ڪائنات خلقي ٿو. ان ڪري اهي ڪتا منهنجا خلقيل آهن. مون ڪتن کي ڳالهائيندي ۽ ڳائيندي ٻڌو آهي. انهن کي روئيندي ۽ کلندي ڏٺو آهي. اهي سڀ منهنجا شخصي ڪتا آهن“.

بقول ناول نگار جي ته هي ناول علامتي ناول آهي. هن ناول ۾ ناول نگار بطور فرسٽ پرسن پنهنجي ماضي جا قصا ڪُتن سان ڳنڍڻ کانپوءِ ڪُتن متعلق نوان رايا جوڙي ٿو ۽ پڙهندڙ کان پڻ نوان رايا جوڙائي ٿو. جيتوڻيڪ هي ناول علامتي ناول آهي. تنهن هوندي به هن ناول ۾ ڪجھه جملا اهڙا به ڪتب آيل آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو ڄڻ اهي فلسفي جون اصطلاح هجن. جيئن:”آفتون انسان جي مصروف وقت جو انتظار ڪنديون آهن“. رسول ميمڻ هن ناول ۾ علامتن جي مدد سان پنهنجي دل جون ڳالهيون سليس نموني سان ڪري ويو آهي. ماضي، حال ۽ مستقبل جي واقعن کي کڻي انهن سان ناول جي مرڪزي ڪردارن کي جوڙيندي نت نوان واقعا پڙهندڙ آڏو پيش ڪري ٿو. هن ناول کي پڙهڻ کانپوءِ انساني نفسيات سان گڏوگڏ جانورن ۾ خاص طور تي ڪتن جي نفسيات سمجهھ ۾ اچڻ شروع ٿئي ٿي. انسان ۽ ڪتي جو رشتو ازل کان جُڙيل رشتو رهيو آهي.

 رسول ميمڻ پنهنجي اندر جي ڏکن واري ڪهاڻي کي هن ناول جو روپ ڏنو آهي. هن ناول ۾ اسان کي سندس ڏاڏا، ڏاڏي توڙي امڙ ۽ پُٽ جو ڏک به پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. هن ناول کي پاڻ ڪُتن جي آتم ڪهاڻي چئي سگهون ٿا. ڇو ته هن ناول ۾ ڪُتن جي ڏاهپ، وفاداري، سچائي توڙي قربانين کي چٽيو ويو آهي. جيڪڏهن رسول ميمڻ هي ناول نه لکي ها ته سندس اندر ۾ موجود اهي علامتي ڪُتا کيس ڪا به رات ننڊ ڪرڻ ڪونه ڏين ها. اُنهن علامتي ڪُتن کيس ڊگهي عرصي کان جاڳائي رکيو هو. هُو جاڳندو هو ۽ انهن علامتي ڪُتن کي پنهنجي تخيل سان جواب ڏيندو هو. آئون سمجهان ٿو ته انهن علامتي ڪُتن ۾ سماج جا کوڙ سارا عنصر شامل آهن. جن کي ناول نگار پنهنجي منفرد اسلوب سان بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هوش محمد ڀٽي ناول ڪتا جي بيڪ ٽائيٽل تي رسول ميمڻ متعلق لکي ٿو ته:”رسول ميمڻ سنڌي فڪشن جو رسول آهي. هو فقرن ۾ ڳالهائيندو آهي. هن جي شخصيت پراسرار آهي. جنهن ۾ معصوميت آهي. طلسماتي طرز جي مرڪ سان هو پنهنجو ڪندو آهي. سنڌي ادب ۾ هن جا ناول گهڻا منفرد ۽ اعليٰ آهن. سراج ميمڻ کانپوءِ رسول ميمڻ جا ناول سنڌي ادب ۾ فني ۽ فڪري نهج جي اوچاين کي ڇهن ٿا. رسول ميمڻ جي ناولن ۾ جديديت جي مڙني لاڙن جا اولڙا به آهن ته سنڌي سماج ۽ تاريخ جا تذڪرا به آهن. داخليت سان هو دنيائون جوڙي ۽ ٽوڙي ٿو. جنهن ۾ هن جا پڙهندڙ ۽ ڪردار هڪ عجب ڪشمڪش ۽ هيجان ۾ هلن ٿا.

ڪتا ناول به رسول ميمڻ جي تخيل جو اها اڏام آهي. جنهن ۾ انساني انسيت ۽ استعاري جو وڏو آلاپ آهي. ڪتا هڪ علامت آهي. جيڪا سولي به آهي ته ڏکي به آهي. جيڪو سمجهي ويو. اهو سمجهي ويندو ته رسول ايڏي وڏي ڳالهھ ڪتا لفظ ۾ لڪائي ڪيئن ڪري ڏور هليو ويو آهي. پر اها ڳالھه ڳائبي رهبي“. رسول ميمڻ جي هن ناول کي سنڌ جي ساڃاھ وند طبقي پاران سُٺي نموني سان پسند ڪيو ويو آهي. ڪجهھ ساٿين جو اهو خيال به آهي ته هي ناول عالمي سطع جو ناول آهي. جنهن ۾ اهي سڀئي خوبيون آهن. جيڪي ڪنهن به ڪتاب کي عالمي بنيادن تي مڃتا ڏياري سگهن ٿيون.

يوسف جميل لغاري جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.