سنڌين سان الميو ته وڏو آھي

دلشاد ڀٽو جي پوسٽ

.سنڌ ۾ ڪو اھڙو سياستدان، دانشور، فلسفي يا منصوبه ساز (Planner) آھي ؟ جنھن کي خبر ھجي ته ايندڙ پنجن يا ويھن سالن کانپوءِ سنڌ جي معيشت ، زراعت ، سماجي زندگي، اخلاقي قدر ، تعليم ،ثقافت، روزگار ، قومي تشخص ۽ ادارا مڪمل طور تباھ ٿي ويندا.يا سنڌ قوم کي ڪھڙا خطره درپيش آھن ۽ ڪھڙيون ڏکائين کي مُنھن ڏيڻو پوندو؟جيڪڏھن واقع سنڌ نازڪ دور مان گذري رھي آھي.مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ مشڪلاتن ۾ پوندي ته ڇا ڪنھن سنڌي حڪمران، دانشور ،سياستدان وٽ ڪا منصوبه بندي يا ڪو Roadmap آھي؟ ڪا ڳڻتي ۽ ڪو فڪر آھي؟دنيا ۾ جيڪي قومون ۽ ملڪ ترقي جي بلندين کي ڇُھن پيا ، انھن جي ترقي جو راز مستقبل جي ڊگھي مدي واري منصوبه بندي ۽ پاليسي سازي آھي. جھڙا اسان جا سياستدان پڙھيل آھن، اھڙا وري عطائي دانشور. جيئن ڪم ھلي ٿو ھلڻ ڏيو.ھرڪو پنھنجو وقت پورو پيو ڪري.پوري دنيا ۾ قومون دوسُو جي دھل تي نه نچنديون آھن.اڳواڻ ۽ دانشور جو ڪم آھي ته نه رڳو ايندڙ وقت جي درپيش مسئلن ۽ چيلينجن جي نشاندھي ڪري پر دانشور ۽ اڳواڻ ان مان نڪرڻ جي رٿابندي ڪري رستو به ڏسي.ھڪڙا اڳواڻ خود به دانشور ۽ فلسفي ٿيندا آھن.جن ۾ ھڪ ئي وقت سڀ خوبيون ھونديون آھن۔اسان وارا دانشور ۽ سياسي اڳواڻ ڏاچي ھڻي ڏهه ته توڏي ھڻي تيرھن وارو لقاء لڳو پيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.