مري سانحو ۽ زميني حقيقتون

تحرير؛حاڪم نصيراڻي

واءُ سواءُ
گذريل
چئن پنجن ڏينهن کان وٺي سڄي ملڪ ۾ مري سانحي جون ڳالهيون هر خاص و عام جي زبان تي آھن۔ ڳالهائڻ وارا پنهنجي ڳالهين سان لکڻ وارا پنهنجي قلم سان  مري سانحي تي خوب تبصرا ڪرڻ ۾ مصروف آھن.هن سانحي کان پوءِ وفاقي توڙي صوبائي سرڪار جا نمائندا سياحت جي ڪاميابي تي خوشي جو اظھار ڪن پيا. فواد چوڌري ۽ حسان خاور جهڙا وزير مشير ماڻھن جو مري ڏانهن اچڻ کي عمران خان جي سياحت بابت بهترين حڪمت عم قرار ڏيڻ لڳا هئا پر ان سانحي کان پوءِ اهي ساڳيا ماڻھو سڄي واقعي جي ذميواري عوام تي ٿوپڻ ۾ مصروف ٿي ويا۔مخالف ڌر وري سڄي واقعي کي سرڪار جي ناقص حڪمت عملي سان ڀيٽي سياسي گرما گرمي ۾ مصروف ٿي وئي۔ حڪومت جي نااهلي نالائقي پنهنجي جاءِ تي پر مري جي ماڻھن به انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا.اسان کي ياد آھي ته اونهاري جي موسم ۾ تيزگام خراب ٿي پئي ته اتان جي مقامي آبادي پنهنجي دريا دلي جو اهڙو  اظھار ڪيو جو چوڻ وارا بلڪل چوڻ تي مجبور ٿي پيا. سنڌ ۽ سنڌي مهمان نوازي ۾ پنهنجي مٽ پاڻ آھن۔ مٺي پاڻي جا ڪولر ٻارن لاءِ کير پڪل ديڳون پوڙھا پڪا توڙي جوان کڻي انهن مسافرن جي واهر لاءِ پهريان پهچڻ جي ڪوشش ڪئي۔ هر ڪنهن پنهنجي حيثيت مطابق انهن مسافرن جي خدمت چاڪري ۾ ڪا ڪسر ڪين ڇڏي. قومون پنهنجي اخلاقي قدرن جي ڪري سڃاتيون وينديون آهن. تاريخ جي ورقن کي کولڻ سان اها سڌ پئي ٿي ته هر قوم جي تباهي ۽ بربادي جو واحد راز اخلاقي ترقي ۽ تنزلي سان جڙيل رهيو آهي. اخلاقي قدرن جي پاسداري سان ڪاميابي ملندي آھي ۽ اخلاقي قدرن کان دوري ناڪامي ۽ تباهي جو در کڙڪائيندي آھي. جيڪڏهن اسان اخلاقي قدرن جي اونهائي  ۾ وڃون ٿا ته اسان کي ڪيتريون ئي شيون ملن ٿيون، جن تي جيڪڏهن اسان ٿورو ئي عمل ڪيون ته جيئري جنت جا جلوا پسي سگهجن ٿا۔ اخلاقيات ئي اهو واحد هٿيار آهي جنهن سان وڏي ۾ وڏي جنگ آساني سان کٽي سگهجي ٿي ڇو ته هن جنگ جا اهڃاڻ قومن جي دلين ۽ ذھنن تي چٽا نظر ايندا آھن.  اخلاقي قدرن جي شروعات گهر ، پاڙي، شهر مان ٿيندي آهي۔ ان کان پوءِ هڪ سماج جڙندو آھي۔ اهو سماج ئي آهي جيڪو اسان جي اخلاقي قدرن جو اظهار ڪري ٿو.  اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو نئون نسل اسان جي ڪردار مان سکي ٿو، اسان جي ڪردار مان ئي اسان جو سماج ٺهي ٿو. اخلاقي قدرن سان ڀريل سماج ۾ ڪنهن کي به ذات پات، رنگ، نسل ۽ دولت مال ملڪيت جي ڪري ڪا فوقيت ناهي هوندي۔ هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي گذارڻ جي آزادي هوندي آهي. اسان جي سماج جا پنهنجا اخلاقي قدر آھي۔ اسان جي پنهنجي تهذيب ثقافت ۽ رسمون آهن. فردن جي تربيت کان وڌيڪ سڄي سماج کي تربيت ڏيڻ گهرجي.بدقسمتيءَ سان اڄڪلھه جي سماج ۾ اخلاق، تهذيب ۽ تربيت جا ڪي به آثار نظر نه ٿا اچن.  ان ڪري اسان قومن ۾ ذلت ۽ زوال جو شڪار ٿي رهيا آهيون ۔ فساد جو ناسور اسان کي اڏوهي جيان کائي رهيو آهي. اڄ اسان جون عدالتون ڪيسن سان ڀريل آهن، جيلن ۾ قيدي رکڻ جي گنجائش ناهي۔اسپتالن ۾ معياري علاج نه پيو ٿئي اسڪولن جي حالت خراب لڳي پئي آھي۔ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ هاڃيڪار شيون ملائي انسانيت سان دشمني ڪئي پئي وڃي۔ زندگي بچائڻ وارا مسيحا لالچ ۾ اچي ماڻھن جي زندگين سان کيڏي رهيا آھن۔ هر گهٽي ۾ جهيڙا جهڳڙا گارگند ۽ نفرتن جو اهڙو ته ڪنو رواج پيل آھي جو ماڻھو اخلاقيات جا سڀ سبق وساري ويٺا آھن۔  ڪرپشن، حسد، ساڙ حقن کان محرومي ۽ ذاتي مفادن جي بازار گرم آھي.  معصوم ٻارن سان جنسي ڏاڍايون روز جو معمول بڻيل آھن۔شراب خانا رندن سان ڀريل آھن آهن، جوا عام هلي پئي چوري، ڦرلٽ، قتل، غنڊه گردي، رشوت، وياج ۽ حرامپائي ۾ هر ڪو هڪ ٻئي کان گو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بي ايماني، ڪوڙ، چاپلوسي، دوکي، لالچ، تور ماپ ۾ بي ايماني مطلب ته هر قسم جو غير اخلاقي ڪم اسان جي سماج  ۾ موجود آهي. خود غرضي ۽ فساد جو اهو ڪهڙو طريقو آهي جيڪو اسان ايجاد نه ڪيو هجي؟  تشدد، تعصب ۽ بي رحمي اسان جي سماج ۾ عام آهي۔ جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي انهن ۾ اهي سڀ برايون نظر اچن ٿيون، جيڪي ڪنهن به اخلاقي قدرن واري سماج لاءِ مناسب ناهن؟قومون حادثن ۽ سانحن هڪ جسم ۽ جان ٿي وينديون آھن۔ ڏک جي گهڙين ۾ ويڇا وساري ٻڌي جو اظھار ڪيو ويندو آھي پر افسوس جو مري جي لالچي خود غرض لوڀي ماڻھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنهنجا ٻار ٻچا، دوست يار وٺي خوشي سان گهمڻ لاءِ آيل ماڻھن کي موت جي ڀيانڪ وادي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو۔ مري جي ھوٽل وارن جي سخت گيري جهيڙاڪ طبعيت کان ته سڀ واقف هئا پر سنگدلي ۽ بي رحمي جو روپ به سڀني آڏو عيان ٿي ويو۔ اها حقيقت آھي جو سياحتي جاين جي ماڻھن جي آمدني جو مک ذريعو ماڻھن جو اچڻ آھي پر ان جو اهو مقصد ناهي جو اوهان آيل مهانن کان ڳريون قيمتون وصول ڪيو ۽ انهن جي عزت نفس کي به مجروح ڪيو.منهنجي نظر ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻھن کي هوٽل مافيا قتل ڪيو آھي۔ جيڪڏهن اهي هوٽل وارا انهن کان چاليهھ پنجاهه هزار ڪرايو نه گهرن ها ته شايد ڪي زندگيون موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي وڃن ها۔ اوهان پاڻ سوچيو جيڪي ماڻھو گهران ئي محدود موڙي کڻي نڪتا هجن اهي هوٽل وارن جون فرمائشون ڪيئن پوريون ڪري پئي سگهيا ان ڪري مجبورن انهن کي پنهنجي گاڏين ۾ هيٽر هلائي گاڏيون چالو رکي شيشا چاڙھي بند ٿي ويٺا، کين اها خبر نه هئي اهي موت جي هنج ۾ آرامي ٿيڻ وڃن پيا۔ مري انتظاميا به غفلت جو خوب مظاهرو ڪندي پنهنجو پاڻ کي به معصوم جانين جي قاتلن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو۔ ان سڄي صورت حال کي ڏسندي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو ۽ ائين مري ۾ انسانيت لڄي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.