لسانيت ۽ لاقانونيت واري سياست !

تحرير؛علي محمد ميمڻ

سنڌ ۾ تعصب، نفرت واري سياست، دهشت ۽ خوف وارو ڪاروبار تمام پراڻو هلندڙ آهي، جنهن ذريعي ملڪ جي قومن، ترقي پسندن جمهوري قوتن ۽ محب وطن سماجي خدمتگارن ۽ ڪارڪنن کي ڊيڄاريو ويندو رهيو آهي. خاص طور تي  جنرل ضياءَ واري آمراڻي حڪومت ۾ ان رٿا تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو ۽ عوام توڙي جمهوريت پسندن خلاف منصوبا بندي تحت  حڪومتي ڪارروايون ڪيون ويون ۽ ڪيترائي نوان گروهه ۽ جماعتون پڻ متحرڪ ڪيون ويون.

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙيون شاهديون ۽ ثبوت موجود آهن ته، اهڙي قسم جي گروهن ۽ جماعتن کي نه صرف بي حساب مالي وسيلا مهيا ڪيا ويا ۽ هر قسم جي طاقت مهيا ڪئي وئي ۽  ملڪ ۾ افغان جهادين کي پڻ مالامال ۽ مضبوط ڪيو ويو.  ملڪ کي هيروئن، هٿيارن ۽ ڌارين آبادڪاري سان ڀريو ويو، هن ملڪ جي عوام کي انهن وٽ يرغمال ۽ غلام بنائڻ وارا اهڙا ڪم پڻ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ سمورو ملڪ وڏين هاڃيڪارين جو شڪار ٿيو خاص طور تي سنڌ صوبو ۽ هن جا وڏا شهر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻيا علائقا تباهه ڪارين جو شڪار ٿيندا رهيا.

ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قوتن جي گڏيل سازش تي عملدرآمد ڪيو ويو .  ملڪ ۾ڪيترين ئي مذهبي ۽ سياسي جماعتن کي جمهوري حڪومت خلاف متحرڪ ڪيو ويو ۽ خوب استعمال ڪيو ويو. 1975ع واري دور ۾ ملڪ ۾ ”9 ستارن واري قومي اتحاد “ وڏي مشهوري حاصل ڪئي. قومي اتحاد واري ان تحريڪ جي اهم اڳواڻن ۾ جماعت اسلامي جو امير ميان طفيل احمد، پروفيسر غفور احمد، تحريڪ استقلال جو سربراهه ايئر مارشل )رٽائرڊ(  اصغر خان، جمعيت علماءَ اسلام جو سربراهه مولانا مفتي محمود ( مولانا فضل الرحمان جو والد)، پير صاحب پاڳارو ، نوابزادهه نصرالله خان ۽ مولانا شاهه احمد نوراني گهڻا مشهور ٿيا. هنن دبنگ اڳواڻن، جماعتن ۽ گروپن ذريعي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف”نظام مصطفي  نالي واري تحريڪ“  شروع ڪئي وئي.

قومي اتحاد جي انهيءَ تحريڪ جو بنيادي مطالبو 1977ع وارين عام چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملڪ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي اعتراض هئا ۽ انهيءَ ڌر طرفان ملڪ جي ڪجهه تڪن جي هڪ تعداد ۾ چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيڻ جا الزام ۽ اعتراض ڪيا پئي ويا.

وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي طرفان لڳاتار سياسي معاملن تي مخالف ڌرين جي ان اتحاد سان ڳالهيون ڪيون وينديون رهيون ۽ ڀٽي صاحب طرفان قومي اتحاد واري ڌر کي تڪراري تڪن تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي پر انهن جماعتن جي تحريڪ جاري رهي. آخرڪار جڏهن وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ قومي اتحاد جي قيادت وچ ۾ تڪراري تڪن تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو معاهدو به ٿي ويو  پر انهيءَ تحريڪ جي سرپرستن طرفان معاهدي کي مڃڻ بجاءِ جنرل ضياءُ الحق طرفان ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري عوام جي چونڊيل حڪومت ۽ وزير اعظم کي برطرف ڪيو ويو. ملڪ جو آئين معطل ڪري ملڪ ۾ آمريت قائم ڪئي وئي ۽ هو پاڻمرادو ملڪ جو آمر ۽ صدر بنجي ويو.اڳتي هلي انهيءَ قومي اتحاد ۽ ان ۾ شامل جماعتن جا راز پڻ کلي ويا جو قومي اتحاد واريون جماعتون جنرل ضياءُ جي حڪومت جون حامي بڻجي سامهون آيون ۽ ان حڪومت ۾ شامل ٿي ويون، جنهن ۾ جماعت اسلامي جو تنهن وقت جو سيڪريٽري جنرل پروفيسر غفور احمد جنرل ضياءُ جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير بڻجي ويو.

ملڪ تي جنرل ضياءُ جي مارشل لا ۽ آمريت وارو دور يارنهن سالن تائين جاري رهيو ، جنهن دوران ملڪ جو آئين معطل ۽ سياسي جماعتن تي بندش ۽ سمورين سياسي سرگرمين ۽ عوام جي آزادين تي پابنديون، ميڊيا ۽ صحافتي ادارن ۽ پريس تي سخت سينسر شپ لاڳو هئي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ هٿرادو قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ڏياري ڦاهي تي چاڙهيو ويو. اهڙي قسم جي دور اندر آمريت جي نرسري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف ۽ عوام کي يرعمال بنائڻ لاءِ ڪيترا ئي گروهه ۽ هٿيار بند جٿا پڻ تيار ٿيا جن اڳتي هلي سنڌ جي دل ڪراچي ۽ ٻين اهم شهرن حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن کي يرغمال بڻايو ۽ امن ، پيار ۽ محبتن واري هن ڌرتي ۾ رتوڇاڻ واري سياست ۽ خوف ۽ دهشت جو ڪاروبار وڌائي، ان کي دهشتگردي واري صنعت بڻايو ويو. آخرڪار قدرت جو قانون حرڪت ۾ آيو ۽  جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ڪيترن ئي رفيقن ۽ آمريڪي سفير آرنلڊ رافيل سميت بهاولپور وٽ هوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويا ۽ ان بعد ملڪ ۾ وري آزادين جو نئون سج اڀريو ۽ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ۽ ملڪ وري اڳتي وکون وڌايون. اڳتي هلي سنڌ کي پڻ دهشت گرد گروهن جي قبضي کان ڇڏايو ويو.

سنڌ جي راڄڌاني ۽ صوبي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ هن وقت وري پراڻي دور کي ورجائڻ وارو ڪم ٿي رهيو آهي، ملڪ جي ساڳي سياسي ۽ مذهبي ڌر،  جماعت اسلامي جنهن کي سنڌ صوبي ۾ عوام جي ڪا خاص حمايت حاصل ناهي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ سندس جماعت جو صرف هڪ ايم پي اي موجود آهي. اها سنڌ جي عوام جي نمائنده ايوان ۽ صوبي جي اسيمبلي جي تمام وڏي اڪثريت طرفان صوبي جي مڪاني سرشتي ۽ بلدياتي نظام جي جوڙجڪ بابت ڪيل قانونسازي جي خلاف سنڌ اسيمبلي جو گذريل ڪيترن ڏينهن کان گهيراءُ ڪري رکيو آهي.ڪجهه سئو مظاهرين ذريعي جماعت اسلامي طرفان سنڌ جي عوام جي چونڊيل اسيمبلي کي يرغمال بنائڻ، رستا روڪ ۽ ڌرڻن ذريعي دٻاءُ وجهڻ  وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي طرفان اڪثريت راءِ ۽ اتفاق راءِ سان ڪيل قانونسازي کي سنڌ اسيمبلي جي ايوان جو گهيرو ڪرڻ ۽ رستا روڪ ڪرڻ ذريعي بدلائڻ ۽ سندن مرضي جي قانونسازي ڪرڻ واري لاقانونيت وارو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.

جماعت اسلامي جو سنڌ ۾ طرز عمل يقينن تمام گهڻو افسوس جوڳو آهي، جنهن تحت سنڌ جي عوام جي چونڊيل اسيمبلي ۽ ڪروڙين عوام جي توهين ڪئي پئي وڃي. جماعت اسلامي جي هن مظاهري جو خاص مقصد ڪراچي شهر کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو نظر اچي رهيو آهي. اچرج واري ڳالهه آهي ته جنهن جماعت کي ڪراچي جي هڪ سيڪڙو عوام جي ووٽن جي به حمايت حاصل ناهي، هن جماعت کي عوام جي حمايت يا اڪثريت جي مڃتا به حاصل نه هئڻ جي باوجود سنڌ تي پنهنجو جماعتي قانون ، مرضي مڙهڻ يا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري مهم هلائڻ تمام گهڻي ڳڻتي واري ڳالهه آهي. سنڌ جي عوام جي حڪومت ۽ چونڊيل اسيمبلي کي بليڪ ميل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾سياسي، قانوني عمل ناهي . جڏهن ته، سنڌ حڪومت ، سنڌ جي حڪمران جماعت جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي موڪليل وفدن پڻ ڪيترائي ڀيرا سندن ڌرڻن ۾ اچي کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس جائز ڳالهيون مڃيون آهن. هاڻي هو پنهنجن معصوم ڪارڪنن، بزرگن، عورتن ۽ ٻارڙن کي برساتن، سخت سردي واري حالت ۾ دربدر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي انا ۽ ضد  وڌائڻ کين لاقانونيت بجاءِ ڌرڻو ختم ڪري عزت ڀريو  سياسي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ نفرتن، لسانيت، لاقانونيت ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.