ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ،ڦر دوران مزاحمت تي ڏهرڪي واسي سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ڪشمير روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري هڪ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته ڦورو شاھ رخ نالي شهري جي گهر ٻاهران ڦر جي واردات تي رهي هئي ته شاھ رخ مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي شھري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ ۾ قتل ٿيل شاھ رخ جو اڄ وليمو هوڪورنگي ڪراسنگ ڀٽائي آباد سيڪٽر ايف ۾ واقع شميم مسجد جي ڀرسان ڦر جي واردات دوران مزامت ڪرڻ تي فائرنگ ۾ ناري سميرا ڌي اروب زخمي ٿي پئي،  صدر موبائل فون ڪمپني مان جوابدار 46 لک رپيا ڪيش، 73 لک رپين جا چيڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  ڦر جي سي سي ٽي وي ڦوٽيجز ھٿ سي سي ٽي وي ڦوٽيجز ۾ 4 ڦورو عمارت جي ڏاڪڻ مان اچي رهيا آهن،هوڏانهن ڪلفٽن انڊر پاس سرڪل ۾ ڦر دوران قتل ويرڀان جي واقعي پوءِ انويسٽيگيشن ۽ آپريشن پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ايس پي ڪلفٽن جاء واردات تان سي سي ٽي وي ڦوٽيجز چيڪ ڪري رهيو آهي مقتول ويرڀان شون سرڪل پاس بينڪ الفلاح مان 73 لک روپين جي رقم وٺڻ ويو ته ويرڀان جئين ئي بينڪ مان رقم وصول ڪري پنهنجي گاڏي طرف ويو ته ڦورن سندس کان رقم ڦر ڪري جي ڪوشش ڪئي ۽ هن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو زخمي کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو 2 جوابدار 125 موٽرسائيڪل تي سوار هيا ،مقتول ڏهرڪي جو رهواسي هو، ڪراچي سپر هاءِ وي براق پمپ G-19  بس اسٽاپ جي ويجھو پوليس ڦورن ۾ مقابلو هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، هوڏانهن  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منھاس شهر اندر وڌندڙ بدامني  شهرين کان ڦر لٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ،ڦر جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لا ٽيمون ٺاهيون ويون آهن ، هوڏانهن سچل ٿاڻي جي سپر ھاءِ وي  تي ڦر دوران ڦورن فائرنگ ڪري شهري عبدالڪبير کي ماري ڇڏيو،  جڏهن ته پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ زخمي ڦورو کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ زاهد ولد بادشاھ خان جنهن جي عمر 35 سال ٻڌائي پئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.