وزيراعظم پاران آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪالهه اربع ڏينهن آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. اهم وفاقي وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم شرڪت ڪندڙن جو استقبال ڪيو. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ درپيش تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم قومي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪئي ويندڙ پيشيواراڻي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.