حڪومت جي خاتمي لاءِ پ پ سان ڳالهيون هلندڙ آهن: خرم دستگير

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير چيو آهي ته حڪومت جي خاتمي لاءِ پ پ ۽ حڪومتي اتحادين سان ڳاليهون جاري آهن، بي اعتمادي رٿ کانپوءِ جيڪڏهن پ پ جو وزيراعظم اچي ٿو ته قابل قبول هوندو، هوڏانهن خواجا آصف چيو ته ادارن جو ظاهري طور تي ڪردار سامهون اچڻ صحيح ناهي، 74 سالن جي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو رول رهيو آهي، هاڻي پي ٽي آءِ جا ميمبر ٻڌائن ٿا ته کين مني بجيٽ لاءِ فون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پ پ ۽ پي ڊي ايم کي ورڪنگ رليشن شپ بڻائڻ گهرجي،

  • 2008ع کان 2013ع تائين اشتهارن جي ڊيٽا نه ڏني وئي: فيصل جاويد

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت 13 ارب رپين جا اشتهار جڏهن ته (ن) ليگ جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين 17.7 ارب رپين جا اشتهار اخبان کي ڏنا جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت 2018ع کان 2022ع تائين 7.2 ارب رپين جا اشتهار جاري ڪيا. اها ڳالهه هن ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر عرفان الحق صديقي، انور لال دين، عمر فاروق ۽ تاج حيدر کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ٻين  عملدارن شرڪت ڪئي. پي آءِ ڊي عملدارن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته 2008ع کان 2013ع تائين جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا اشتهار پي آءِ ڊي جي ذريعي جاري نه ٿيندا هئا، سمورا ادارا پنهنجي طور تي اشتهار جاري ڪندا هئا. ڪميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل ادارن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اشتهارن جي رپورٽ وٺي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏني وڃي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن جي شڪيل مسعود اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته مختلف چينلز جون اڍائي ارب رپين جون رهتون آهن جڏهن ته اخبارن جون رهتون ساڍا 3 ارب رپيا آهن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اشتهارن جي حوالي سان ڪجهه آڊيوز به سامهون آيون آهن، اطلاعات واري وزارت ان معاملي جي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪري جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان حوالي سان انڪوائري ڪئي پئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.